اسلام آباد – 29 – نومبر (اي پي پي) وزيراعظم محمد شهباز شريف چيف آف آرمي اسٽاف جنرل سيد عاصم منير کي ٽيليفون ڪئي ۽ آرمي چ??ف جو عهدو سنڀالڻ تي مبارڪباد ڏني. وزيراعظم ميڊيا آفيس پاران جاري بيان موجب آڙمي چيف سان ڳ??لهائيندي وزيراعظم شهباز شريف چيو ته بهادر پاڪ فوج جي سپهه سالار جو عهدو سنڀالڻ وڏو اعزاز آهي، پاڪ فوج کي توهان جهڙو پيشيواراڻي قابليت رکندڙ سربراهه ملڻ الله ??عا??يٰ جو خاص فضل آهي. وزيراعظم چيو ته پورو يقين آهي ته توهان جي قيادت ۾ فوج جي پيشيواراڻي صلاحيتن ۽ ملڪ جي دف??ع جي قوت ۾ وڌيڪ اضافو ٿيندو، ملڪ جي تحفظ ۽ سلامتي، دهشتگردي جي خاتمي سميت سيڪيورٽي چئلينجز کي منهن ڏيڻ ۾ الله ??عا??يٰ توهان جي مدد ۽ رهنمائي فرمائي. وزيراعظم چيو ته ملڪ جي دفاع، سلامتي ۽ تحفظ جي لاء?? اسان جو ڀرپور ??عا??ن توهان کي ميسر هوندو. آرمي چ??ف جنرل سيد عاصم منير نيڪ خواهشن جي اظهار ۽ مبارڪباد تي وزيراعظم جا ٿورا مڃيا.