اسلام آباد – 01 – نومبر (اي پي پي) وزيراعظم شهباز شريف سان عالمي مشروب ساز ڪمپني پيپسي ڪو جي آفريقا، وچ اوڀر ۽ ڏکڻ ايشيا جي چيف ايگزيڪيوٽو آفيسر يوجين وليمسن ??ي قيادت ۾ وفد مل??قات ڪئي. وزيراعظم آفيس جي ميڊيا ونگ پاران جاري بيان موجب مل??قات ۾ صنعت ۽ پيداوار وارو وفاقي وزير مخدوم مرتضيٰ محمود پڻ شريڪ هو. وزيراعظم وفد جي آجيان ڪندي چيو ته قومون معاشي پاليسين جي تسلسل سان ٺهنديون آهن. وزيراع??م پيپسي ڪو جي پاڪستان سان خطي جي ٻين ملڪن مان برآمدات کي ساراهيندي ڪمپني کي پاڪستان ۾ زرعي صنعتن، سيڙپڪاري وڌائڻ جي ترغيب ڏني. يوجين وليمسن حڪومت جي ڪاروبار دوست پاليسين تي وزيراعظم جا ٿورا مڃيا. ان کانسواءِ حڪومت جي معاشي، ڪاروباري ۽ سيڙپڪاري جي پاليسين جي تسلسل جي ڪوششن کي به ساراهيو. يوجين وليمس?? وزيراعظم کي وڌيڪ ٻڌايو ته پيپسي ڪو ٻوڏ متاثرين جي لاءِ 50 لک راشن پيڪيٽ فراهم ڪيا، جڏهن ته سڄي دنيا ۾ پيپسي ڪو جي مل??زمن پاران ٻوڏ متاثرين جي مدد لاءِ عطيو گڏ ڪرڻ جي مهم به جاري آهي. وزيراع??م پيپسي ڪو پاران انهن جي مدد تي ٿورا مڃيا ۽ ڪمپني پاران زراعت جي شعبي ۾ جدت آڻڻ جي لاءِ سيڙپڪاري کي ساراهيو.