اسلام آباد – 01 – نومبر (اي پي پي) وزيراعظم محمد شهب??ز شريف ٻن ڏينهن جي سرڪاري ??ور?? تي چين روانو ٿي ويو آهي. وزيراعظم آفيس جي ميڊيا ونگ پاران جاري بيان موجب پرڏيهي وزير بلاول ڀٽو زرداري، ناڻي وارو وفاقي وزير اسحاق ڊار، مواصلات وارو وفاقي وزير مولانا اسعد محمود، منصوبابندي ۽ خصوصي قدمن وارو وفاقي وزير احسن اقبال، اطلاعات واري وفاقي وزير مريم اورنگزيب، ريلوي وارو وفاقي وزير خواجه سعد رفيق، سيڙپڪاري بورڊ وارو وفاقي وزير چوڌري سالڪ حسين، دفاعي پيداوار وارو وفاقي وزير سردار اسرار ترين، خصوصي معاونين طارق فاطمي، سيد فهد حسين، ظفرالدين محمود، جهانزيب خان ۽ سن?? جو وڏو وزير سيد مراد علي شاهه وزيراعظم جي وفد ۾ شامل آهن. 11 اپريل 2022ع تي وزارت عظميٰ جو عهدو سن??الڻ کانپوءِ وزيراعظم شهب??ز شريف جو چين جو هي پهريون ??ور?? آهي. وزيراعظم شهب??ز شريف چين جي رياستي ڪائونسل جي وزيراعظم لي ڪي چيانگ جي دعوت تي هي ??ور?? ڪري رهيو آهي. ڪميونسٽ پارٽي چين جي ويهين نيشنل ڪانگريس جي تاريخي انعقاد ۽ صدر شي ج?? پنگ جي ٽيون ڀيرو جنرل سيڪريٽري چونڊجڻ کانپوءِ وزيراعظم شهب??ز شريف چين جو ??ور?? ڪندڙ پهرين اڳواڻن ۾ شامل آهي. وزيراعظم شهب??ز شريف جو ??ور?? ٻنهي ملڪن جي وچ ۾ قيادت جي سطح تي مسلسل رابطن جي ڪڙيءَ آهي. وزيراعظم شهب??ز شريف ??ور?? دوران چين جي صدر شي ج?? پنگ سان ملاقات ڪندو. ٻنهي ملڪن جي وزيراعظمن جي وچ ۾ وفدن جي سطح تي ڳالهه ٻولهه ٿيندي. ٻنهي ملڪن جا قائدين اسٽريٽجڪ ڪوآپريشن پارٽنرشپ جو جائزو وٺندا. ملاقاتن ۽ اجلاسن ۾ علائقائي ۽ عالمي سطح تي صورتحال ??ي به خيالن جي ڏي وٺ ٿيندي. ??ور?? سان ٻنهي ملڪن جي وچ ۾ وسيع تر ٻطرفن لاڳاپن جي ايجنڊا تي اڳڀرائي متوقع آهي. ??ور?? دوران مفاهمت جي ڪيترين ئي ياداشتن ۽ معاهدن تي صحيحون ٿيڻ جا امڪان آهن. ??ور?? سان پاڪ چين اقتصادي لنگهه جي رفتار وڌيڪ وڌڻ جي اميد آهي. سي پيڪ جي حوالي سان گڏيل تعاون ڪميٽي (جي سي سي) جو 11 هون اجلاس 27 آڪٽوبر 2022ع تي منعقد ٿيو هو.