بيجنگ_26 آڪٽوبر (اي پي پي) چين پاڪستان جي پوڏ متاثرن لاءِامداد ??ي نئين کيپ رواني ڪري ڇڏي آهي، چائنا اڪنامڪ نيٽ(ايس اي اين رپورٽ ۾ چيو آهي ته چين جي ريڊ ڪراس سوسائٽي گوانگشسي برانچ پاران 3 لک آر ايم بي مالي?? جو عطيو ڪيل انساني امداد پاڪستان جي پوڏ متاثرن لاءِ رواني ڪئي وئي آهي جيڪا سمنڊ رستي ڪراچي بندر پهچندي، کيپ ۾ 4 هزار 286 ڪمبل شامل آهن، ان موقعي تي منعقد تقريب کي خطاب ڪندي ريڊ ڪراس سوسائ??ي آف چائنا گوانگ شي برانچ جي ايگزيڪٽو وائس چيئر مين وانگ لي پوڏ متاثرن سان دلي همدردي جو اظهار ڪيو ، چين ۾ پاڪستاني سفارتخاني جي ڊپٽي هيڊ آف مشن احمد فاروق آن لائن تقريب ۾ شرڪت ڪئ ۽ گوانگ شي جو شڪريو ادا ڪيو، چين پاران اها امداد نيشنل ڊيزاسٽر منجمنٽ اٿار??ي آف پاڪستان (اين ڊي ايم )کي ملي آهي.