نيويارڪ – 21 – سيپٽمبر (اي پي پي) وزيراعظم محمد شهباز شريف چيو آهي ته مسلم ليگ (ن) جي اڳواڻن کي ڪوڙن ڪيسن ۾ ڦاسائڻ جي لاءِ نيب هر حربو استعمال ڪيو، نيب ريفرنس ۾ احسن ا??بال جي بريت سان ا?? جي ديانتداري ثابت ٿي آهي. پنهنجي ٽوئيٽ ۾و زيراعظم چيو ته نيب ريفرنس ۾ احسن ا??بال جي بريت سان 2 حقيقتون ثابت ٿين ٿيون، اڳوڻ?? وزيراعظم عمران خان جي چوڻ تي مسلم ليگ (ن) ۽ ان جي اڳواڻن کي ڪوڙن ڪيسن ۾ ڦاسائڻ جي لاءِ نيب هر حد تائين وئي ۽ انهن کي ناجائز قيد ۾ رکيو ويو. وزيراعظم چيو ته احسن ا??بال جهڙي شريف ۽ ايماندار شخص جي ديانتداري ڀ??پو?? طريقي سان ٻيهر ثابت ٿي آهي.