اسلام آباد-22 سيپٽمبر (اي پي پي) پاڪ فضائيه سنڌ، ڪي پي ڪي، بلوچستان ۽ ڏکڻ پنجاب جي ٻوڏ ??تا??رن لاءِ انساني همدرديءَ جي بنياد تي طبي امداد جي فراهمي ۽ بحاليءَ جي ڪاررواين ۾ سرگرم آهي. پاڪ فضائيه جي ترجمان ??طابق پاڪ فضائيه جا اهلڪار ٻوڏ ??تا??ر کي رهائش، طبي سهولتون، خوراڪ ۽ پيئڻ جي صاف پاڻيءَ جهڙيون بنيادي ضرورتون وقت سر فراهم ڪرڻ لاءِ پنهنجي ڀرپور خدمت فراهم ڪري رهيا آهن. پاڪ فضائيه جي قائم ڪيل ميڊيڪل ليب ڪليڪشن پوائنٽس ٻوڏ ??تا??رن ۾ وڏي پيماني تي پکڙجندڙ پاڻيءَ سبب بيمارين جهڙوڪ گيسٽرو، ڊينگي، مليريا، دستن ۽ اُلٽين جي سُڃاڻپ جي عمل ۾ مصروف آهي. پاڪ فضائيه جي فيلڊ ميڊيڪل ??يمپن ۾ ٻوڏ ??تا??رن کي مفت دوائون ۽ طبي سهولتون ڏنيون پيون وڃن. گذريل 24 ڪلاڪن دوران ??اڪ فضائيه ضرورتمند ڪٽنبن ۾ 17960 پڪل ??اڌي جا پئڪيٽ، 250 پاڻيءَ جون بوتلون ۽ 1730 خ??ڪ راشن جا پئڪيٽ ورهايا. ان کان علاوه پاڪ فضائيه جي ميڊيڪل ٽيمن 1407 مريضن جو طبي معائنو ڪيو.