اسلام آباد – 01 – سيپٽمبر (اي پي پي) وزيراعظم محمد شهباز شريف چيو آهي ته شمسي توانائي سا?? 10 هزار ??يگ??واٽ بجلي پيدا ڪرڻ جي منصوبي جي حوالي سا?? سمورين ڌرين جي ايندڙ هفتي پري بڊ ڪانفرنس منعقد ڪرڻ جو فيصلو ڪيو آهي. پنهنجي ٽوئيٽ ۾ شهباز شريف چيو ته سرڪاري عمارتن ۽ ڊيزل تي هلندڙ ٽيوب ويلز کي شمسي توانائي تي منتقل ڪنداسين، ڊ??زل، ڪوئلي ۽ فرنس آئل تي هلندڙ پاور پل??نٽس کي مرحليوار منتقل ڪنداسين. وزيراعظم چيو ته بجلي جو هڪ وڏو حصو درامد ٿيل تيل سا?? پيدا ٿي رهيو آهي جنهن جون قيمتون تازن مهينن ۾ تمام بلند ٿي ويون آهن، اسان جو قومي شمسي توانائي جي قدمن جو مقصد مهانگي بجلي کي سستي شمسي توانائي تي منتقل ڪرڻ آهي جنهن سا?? عوام کي تمام وڏو ريليف ملندو ۽ پرڏيهي ناڻي جي ذخيرن جي بچت ٿيندي.