اسلام آباد – 03 – آگسٽ (اي پي پي) پاڪستان ۾ ڀارت جي غير قانوني ??بضي هيٺ آيل ڄمون ۽ ڪشمير جي خصوصي حيثيت کي ختم ڪرڻ جي غير قانوني، غير اخلاقي ۽ غير آئيني ??دم?? جي مذمت ۽ ڀارتي فوجي گهراءُ جا ٽي سال مڪمل ٿيڻ جي موقعي تي جمعي تي استحصال جو ڏهاڙو ملهايو ويندو. حڪومت استحصال جي ڏهاڙي جي موقعي تي مظلوم ڪشميرين سان اظهار يڪجهتي جي لاءِ سيمينار ۽ ڪانفرنسن سميت ڪيترن ئي پروگرامن جو اھتمام ڪيو آهي. جڏهن ته ڪشميري?? جي حمايت ۾ سڄي ملڪ ۾ ريليون ڪڊيون وينديون، جنهن ۾ هر طبقي جا ماڻهو ڀرپور طريقي سان شرڪت ڪندا. سڄي قوم پنھنجي ڪشميرين ڀائرن کي اهو ??يغام ڏيندي ته پاڪستاني عوام انه?? جي خودمختياري واري حق جي منصفاڻي جدوجهد ۽ ڀارتي فوج جي ظلم جي خلاف هميشه انهن سان گڏ بيٺل رهندا. لائن آف ڪنٽرول جي ٻنهي پاسن ۽ سڄي دنيا ۾ آباد ڪشميري به 5 آگسٽ 2019 جي ڀارت جي خلاف غير آئيني ??دم?? جي مذمت جي لاءِ يوم استحصال ملهائيندا. ملڪ جي سڀني سياسي پارٽين جا ڪارڪن ريليون ۽ ٻين سرگرمي?? جي ذريعي والاريل ڪشمير جي معصوم ماڻه?? جي خلاف ڀارتي رياستي دهشتگردي جي خلاف ڀرپور احتجاج رڪارڊ ڪرائيندا. سول سوسائٽي جون تنظيمون سيمينارن ۽ ٻين پروگرامن جو به اهتمام ڪنديُون. يوم استحصال جي موقعي تي سڄي ملڪ ۾ هڪ منٽ جي خاموشي اختيار ڪئي ويندي. ٽريفڪ ??ي هڪ منٽ جي لاءِ روڪيو ويندو ۽ سائرن وڄايا ويندا. هڪ منٽ جي خاموشي کان پوءِ ريڊيو پاڪستان ۽ پاڪستان ٽيلي ويزن سميت اليڪٽرانڪ ميڊيا چينلن تي پاڪستان ۽ آزاد جمون ۽ ڪشمير جا قومي ترانا وڄايا ويندا. ان کان پوءِ اسلام آباد ۽ صوبائي گادي واري هنڌ?? جي اهم روڊن تي ڪشميري?? جي حالت کي اجاگر ڪرڻ ۽ والاريل ڪشمير ۾ قابض فوجين پاران ٿيندڙ ظلم کي اجاگر ڪرڻ جي لاءِ پوسٽر لڳايا ويا آهن. 5 آگسٽ 2019 تي مودي جي قيادت هيٺ ڀارتيه جنتا پارٽي جي حڪومت ڀارتي آئي?? جي آرٽيڪل 370 ۽ 35 اي کي ختم ڪري ڇڏيو هو، ان قانو?? جي تحت ڪشمير کي خصوصي حيثيت ڏني ??ئي هئي.