ڪراچي – 02 – آگسٽ (اي پي پي) ڪراچي واپاري اتحاد جي سربراهه ۽ ناليواري واپاري عتيق مير ڀارتي والاريل ڄمون ۽ ڪشمير ۾ اسان جي ڀائرن ۽ ڀينرن سان پنهنجي اڻٿڪ ۽ پختي حما??ت ۽ يڪجهتي جو اظهار ڪيو آهي. هن ڪشمير استحصال ڏهاڙي جي حوالي سان اي پي پي سان ڳالهائيندي چيو ته اسان جي ڪشميري ڀائرن ۽ ڀينرن سان انسانيت جي تاريخ جو هولناڪ ترين سلوڪ ڪيو پيو وڃي ۽ اهي ڊگهي عرصي کان غيرانساني گهيراءُ ۾ قيد آهن. ??ن چيو ته ڪشميرين جو وحشياڻو گهيراءُ ختم ڪرائڻ ۽ والاريل ڄمون ۽ ڪشمير ۾ غيرقانوني چرپر ۽ آبادڪاري کي روڪڻ جي لاءِ ??المي برادري کي ڀارت جو احتساب ڪرڻ گهرجي. ??ن چيو ته ڀارتي والاريل ڄمون ۽ ڪشمير ۾ آبادڪاري جو مقصد آبادي جي تناسب کي تبديل ڪندي مسلمانن کي هڪ اقليت ۾ تبديل ڪرڻ آهي. ??ن چيو ته اسان کي بيداري پيدا ڪرڻ ۽ ڪشمير جي آواز کي بلند ڪرڻ ۽ واضح ڪرڻ جي لاءِ ??ستحصال ڏهاڙي کي پرجوش طريقي سان ملهائڻ گهرجي ۽ ملڪي ۽ عالمي سطح تي ڪشميرين جو پيغام پهچائڻ گهرجي.