جده – 30 – اپريل (اي پي پي) وزيراعظم شهباز شريف ۽ سعودي ولي عهد شهزاده محمد بن سلمان بن عبدالعزيز جي وچ ۾ جمعي جي رات ملا??ات ڪئي جنهن ?? پاڪستان ۽ سعودي عرب جي لاڳاپن ۽ گڏيل دلچسپي جي معاملن تي خيالن جي ڏي وٺ ڪئي وئي. وزيراعظم آفيس جي ميڊيا ونگ پاران جاري بي??ن موجب سعودي ولي عهد شهزاده محمد بن سلمان وزيراعظم شهباز شريف ج?? استقبال لاءِ پاڻ ٻاهر آيو، ??ن موقعي تي وزيراعظم شهباز شريف ج?? اعزاز ۾ گارڊ آف آنر ڏنو ويو. سعودي ه??يا??بند فوج جي دستي وزيراعظم کي سلامتي ڏني، ان کانپوءِ سعودي ولي عهد سعودي وفد سان وزيراعظم جو تعارف ڪرايو، جڏهن ته وزيراعظم کيس پنهنجي ڪابينا جي ميمبرن س??ن ملايو، ان کانپوءِ ٻنهي اڳواڻن جي وچ ۾ ملا??ات ٿي، جنهن ۾ ٻنهي ملڪن جا وفد به شريڪ ??يا?? سعودي عرب جي ولي عهد شهزاده محمد بن سلمان بن عبدالعزيز جي دعوت تي وزيراعظم محمد شهباز شريف سعودي عرب جي ٽن ڏينهن جي اعليٰ سطحي سرڪاري دوري تي آهي .