اسلام آباد – 07 – مارچ (اي پي پي) وز??را??ظم عمران خان کي يورپي ڪائونسل جي صدر چارلس مشيل ٽيليفون ڪئي، پشاور ۾ مسجد تي دهشتگرد حملي ۾ قيمتي جانين جي نقصان تي تعزيت جو اظهار ڪيو ۽ يوڪرين جي صورتحال تي خيالن جي ڏي وٺ ڪئي. وز??را??ظم ميڊيا آفيس پاران جاري بيان موجب يورپي ڪائونسل جي صدر سان ڳالهائيندي وز??را??ظم عمران خان يوڪرين جي تازي صورتحال تي خيالن جي ڏي وٺ ڪندي جاري فوجي تڪرار تي گهري ڳڻتي جو اظهار ڪيو ۽ ان ڳالهه تي زور ڏنو ته وڌيڪ ڇڪتاڻ خطي ۽ دنيا تي انتهائي منفي اثر ڇڏيندي. وز??را??ظم چيو ته هو اسرندڙ ملڪن تي تڪرارن جي منفي، معاشي اثرن کي مسلسل اجاگر ڪندو رهيو آهي. هن چيو ته پاڪستان جو اهو اصو??ي موقف آهي ته هو رڳو امن جو حصيدار هوندو. وز??را??ظم جنگبندي ۽ ڇڪتاڻ ۾ گهٽتائي ۽ يوڪرين ۾ شهرين جي لاءِ انساني امداد جي اهميت تي پڻ زور ڏنو. وز??را??ظم چيو ته پاڪستان جا روس ۽ يوڪرين سان دوستا??ا لاڳاپا آهن ۽ ان جو ٻنهي ڌرين سان ويجهو رابطو رهيو آهي. وز??را??ظم اميد ظاهر ڪئي ته تڪرار کي ڳالهين ۽ سفارتڪاري ذريعي حل ڪيو ويندو. ٻنهي اڳواڻن ان ڳالهه تي اتفاق ڪيو ته پاڪستان جهڙا ملڪ انهن ڪوششن ۾ سهولتڪار جو ڪردار ادا ڪري سگهن ٿا ۽ اهو ته ٻئي ڌريون گڏيل مقصدن کي فروغ ڏيڻ جي لاءِ ويجهو رابطو برقرار رکنديون. پاڪستان جي يورپي يونين سان لاڳاپن جي اهميت کي اجاگر ڪندي وز??را??ظم چيو ته هو يورپي يونين جي قيادت سان ملاقات لاءِ پنهنجي برسلز جي دوري جو منتظر آهي. هن صدر چارلس مشيل کي پاڪستان جي دوري جي دعوت پڻ ڏني.