اسلام آباد – 07 – مارچ (اي پي پي) وزيراعظم عمران خان چيو آهي ته يوڪرائن جي صورتحال سان اسرندڙ ملڪن تي بدترين معاشي اثر پوندا، هتي حالتن کي معمول تي آڻڻ ۽ فوري سيز فائر جي ضرورت آهي. وزيراعظم پنهنجي ٽوئيٽ ۾ چيو ته هن يورپي يونين ڪائونسل ??ي صدر چارلس مائيڪل سان يوڪرائن جي صورتحال تي ڳا??هه ٻو??هه ڪئي ۽ فوجي تڪرار جاري رهڻ تي ڳڻتي جو اظهار ڪندي ان جي اسرندڙ ملڪن تي بدترين معاشي اثرن تي روشني وڌي. هن فوري سيز فائر ۽ حالتون معمول تي آڻڻ جي ضرورت تي زور ڏنو. هن انساني امداد جي ضرورت تي زور ڏيندي چيو ته تڪرارن کي ڳا??هه ٻو??هه ۽ سفارتڪاري سان حل ڪرڻ جي ضرورت آهي، اسان ان ڳا??هه تي پڻ اتفاق ڪيو ته پاڪستان جهڙا ملڪ ان صورتحال ۾ سهولتڪاري جو ڪردار ادا ڪري سگهن ٿا. وزيراعظم چيو ته هو گڏيل مقصدن جي فروغ لاءِ ويجهي رابطي جو خواهشمند آهي.