اسلام آباد – 14 فيبروري (اي پي پي) صدر ڊاڪٽر عارف علوي سان آرمي چيف جنرل قمر جاويد باجوه ايوان صدر ۾ ملاقات ڪئي. ملاقات ۾ قومي سلامتي ۽ علائقائي صورتحال تي خيالن جي ڏي وٺ ڪئي وئي. آرمي چيف صدر کي سي??يو??ٽي فورسز جي پيشيواراڻي تيارين ۽ دهشتگرد عنص??ن جي خلاف قدمن بابت آگاهه ڪيو. هن چيو ته هٿياربند فوج ملڪ مان عسڪريت پسندن ۽ ??رپ??ندن جي خاتمي جي لاءِ پرعزم آهي. ان موقعي تي صد?? سي??يو??ٽي فورسز کي زبردست خراج تحسين پيش ڪيو جن بلوچستان ۽ خيبرپختونخواهه جي نئين ضم ٿيل ضلعن ۾ عسڪريت پسندن جي خلاف تازين ڪاررواين ۾ پنهنجون جانيون قربان ڪيون. هن چيو ته قوم کي پنهنجي هٿياربند فوج جي قربانين تي فخر آهي جن سدائين هر قسم جي مشڪلاتن جي خلاف قومي سرحدن جو دفاع ڪيو.