اسلام آباد – 11 فيبروري (اي پي پي) سي??يٽ چيئرمين محمد صادق سنجراڻي سان آزاد ڪشمير جي اڳوڻي صدر ۽ آمريڪا لاءِ پاڪستان جي نامزد سفير سردار مسعود خان پارليامينٽ هائوس ۾ ملاقات ڪئي. سي??يٽ سيڪريٽريٽ مان جاري بيان موجب سي??يٽ چيئرمين آمريڪا ۾ سفير طور نامزدگي تي سردار مسعود خان کي مبارڪابد ڏني، سي??يٽ چيئرمين ان موقعي تي چيو ته پاڪستان آمريڪا سان ٻطرفي، وسيع البنياد ۽ گهڻ رخي لاڳاپن جو خواهشمند آ??ي،
سينيٽ چيئرمين چيو ته ضرورت ان ڳالهه جي آهي ته موثر سفارتڪاري جي ذريعي دنيا جو ڌ??ان پاڪستان ۾ موجود سيڙپڪاري جي ميسر وسيع موقعن طرف ڇڪرايو وڃي، هن اميد ظاهر ڪئي ته سردار مسعود خان جهڙي تجربيڪار سفارتڪار جي مقرري سان پاڪ آمريڪا لاڳاپن ۾ وڌيڪ ??هتري ايندي. سردار مسعود خان سي??يٽ چيئرمين سان سندس ڏاڏيءِ ۽ ننڍي ڀاءُ جي لاڏاڻي تي تعزيت جو اظهار ڪيو، آمريڪا لاءِ نامزد سفير سردار مسعود خان سي??يٽ چيئرمين جو ٿورو ادا ڪيو ۽ عالمي سطح تي پاڪستان جي موثر طريقي سان نمائندگي جي عزم کي ورجايو.