اسلام آباد – 07 فيبروري (اي پي پي) اطلاعات ۽ نشريات واري وفاقي وزير چوڌري فواد حسين سينيٽ چيئرمين محمد صا??ق سنجراڻي جي ڏاڏيءَ جي لاڏاڻي تي گهري ڏک ۽ افسوس جو اظهار ڪيو آهي. پنهنجي تعزيتي بيان ۾ هن چيو ته سوڳوار خاندان جي ڏک ۾ برابر جا شريڪ آهيون. وفاقي وزير دعا ڪئي ته الله تعاليٰ مرحومه جا درجا بلند ??ري ۽ پوئينرن کي صبر جميل ??طا فرمائي.