اسلام آباد – 14 جنوري (اي پي پي) وزيراعظم عمران خان چيو آهي ته پاڪستان ڪنهن انساني المئي کان بچڻ لاءِ افغان عوام کي هر ممڪن مدد فراهم ڪرڻ جو عزم ڪيو آهي.
اهڙن خيالن جو اظهار هن افغانستان جي ??والي سان ايپڪس ڪميٽي جي ٽئين اجلاس جي ??دارت دوران ڳالهائيندي ڪيو. وزيراعظم آفيس جي ميڊيا ونگ مان جاري بيان موجب وزيراعظم عمران خان افغانستان ۾ امداد لاءِ گڏيل قومن جي ??پيل جي ??جيان ڪئي، ايپڪس ڪميٽي افغانستان ۾ بگڙجندڙ انساني صورتحال تي ڳڻتي جو اظهار ڪيو. ڪميٽي ان عزم جو اظهار ڪيو ته پاڪستان مشڪل جي ??ن گهڙي ۾ افغان عوام کي ا??يو نه ڇڏيندو. ايپڪس ڪميٽي اقتصادي طور تي تباهه ٿيل افغانستان ۾ انساني جانين کي بچائڻ ۽ مشڪل جي ??ن گهڙي ۾ افغانين جي مدد لاءِ عالمي برادري ۽ امدادي ادارن کان هڪ دفعو ٻيهر مدد جي ??پيل ڪئي،
وزيراعظم لاڳاپيل عملدارن کي هدايت ڪئي ته افغانستان ۾ انساني الميي کان بچاءُ لاءِ دوست ملڪن سان ٻطرفي لاڳاپن جون راهون ڳوليو ته جيئن افغانستان ۾ طب، آءِ ٽي، فنانس ۽ اڪائونٽنگ جي ??عبن ۾ تربيت يافته افرادي قوت موڪلي سگهجي. هن افغانستان جي ??حالي ۽ ترقي ۾ مدد لاءِ ريلويز، معدنيات، دائون ٺاهڻ ۽ ميڊيا جي ??عبن ۾ تعاون جي ??ه هدايت ڪئي، ان کان اڳ ايپڪس ڪميٽي کي افغانستان لاءِ 5 ارب روپين جي ??مداد تي ا??ڀرائي جي ??والي سان آگاهه ڪيو ويو جنهن ۾ 50 هزار ميٽرڪ ٽن ڪڻڪ سميت غذائي جنسن، هنگامي طبي سامان، سردي کان بچاءُ لاءِ پناهگاهون ۽ ٻيو سامان شامل آهي، ايپڪس ڪميٽي کي ٻڌ??يو ويو ته افغانستان شديد سردي جي موسم دوران بک ۽ انساني الميي جي ??ورتحال پيدا ٿيڻ جي ويجهو پهچي چُڪو آهي، ان صورتحال ۾ عوام لاءِ خوراڪ ۽ پناهگاهن کي حاصل ڪرڻ مشڪل ٿي ويو آهي.
ڪميٽي افغان عوام سان گڏ بيهڻ جي ??زم جو اظهار ڪندي امدادي ادارن تي زور ڏنو ته هو افغان عوام جي مدد لاءِ فوري حرڪت ۾ اچي. اجلاس ۾ پرڏيهي وزير مخدوم شاهه محمود قريشي، اطلاعات ۽ نشريات وارو وفاقي وزير چوڌري فواد حسين، گهرو وزير شيخ رشيد احمد، وزيراعظم جو صلاحڪار عبدالرزاق دائود، وزيراعظم جو قومي سلامتي وارو صلاحڪار ڊاڪٽر معيد يوسف، پاڪ فو?? جو سربراهه جنرل قمر جاويد باجوه ۽ اعليٰ سول ۽ ملٽري عملدار موجود هئا.