ڊيره اسماعيل خان – 23 – سيپٽمبر (اي پي پي) وزيراعظم عمران خان آبادگارن ۾ آبادگار ڪارڊ ۽ ماڪڙ جي ??اتمي لاءِ موٽرسائيڪلن جون چاٻيون ورهايون، ان ??لس??ي ۾ هتي آبادگار ڪنوينشن جو انعقاد ڪيو ويو، جنهن ۾ خيبرپختونخوا جو گورنر شاهه فرمان، وڏو وزير محمود خان، وفاقي وز??ر علي امين گنڊاپور ۽ وزيراعظم جو خاص مددگار جمشيد اقبال ??يم?? به موجود هئا. وزيراعظم آبادگارن ۾ آبادگار ڪارڊ ورهايا، پهرئين مرحلي ۾ صوبي جي پنج لک رجسٽرڊ آبادگارن مان 2 لک آبادگارن کي آبادگار ڪارڊ ورهايا پيا وڃن، آبادگار ڪارڊ سڄي ملڪ جي ??مورين اي ٽي ايم مشينن تي استعمال ڪري سگهبا. پهرين مرحلي ۾ آبادگارن جي ڊيٽا بيس کي بهتر بڻايو ويندو ۽ کين سبسڊي (مشينري، ان پٽ وغيره) فراهم ڪئي ويندي جڏهن ته ٻئي مرحلي ۾ آبادگارن کي بنا وياج/ گهٽ مارڪ اپ تي قرض فراهم ڪيا ويندا ۽ فصلن جي ??نشورنس ڪئي ويندي، ان کانسواءِ کين قدرتي آفتن جي ??ورت ۾ مالي امداد به فراهم ڪئي ويندي، ان کانسواءِ صوبي ۾ زراعت جي فروغ لاءِ مالي سال 22 -2021ع جي ??وران آبادگارن کي 1048.38 ملين روپين جي ??بسڊي ڏني ويندي.