اسلام آباد – 14 – سيپٽمبر (اي پي پي) وزيراعظم عمران خان مقامي حڪومت کي جمهوريت جو بنيادي ڍانچو قرار ڏيندي لاڳاپيل عملدارن کي ??دايت ڪئي آهي ته اهي پنجاب ۾ بلدياتي چونڊن جي فوري انعقاد جي لاءِ قدم کڻن. وزيراعظم عمران خان جي صدارت ۾ پنجاب ۾ بلدياتي معاملن بابت اجلاس منعقد ٿيو. اجلاس ۾ وفاقي وزيرن اسد عمر، فواد چوڌري، شفقت محمود، مخدوم خسرو بختيار، غلام سرور خان، چ??ڌري طارق بشير چيما، مونس الاهي، پنجاب جي خوراڪ واري وزير عبدالعليم خان ۽ لاڳاپيل سينيئر عملدارن شرڪت ڪئي. پنجاب جي بلديات واري وزير ميان محمود الرشيد وڊيو لنڪ ذريعي اجلاس ۾ شرڪت ڪئي. پنجاب حڪومت وزيراعظم کي صوبي ۾ نئين لوڪل گورنمينٽ ماڊل تي بريفنگ ڏني. وزيراعظم عمران خان ان ڳالهه تي زور ڏنو ته مقامي حڪومت جمهوريت جو بنيادي ڍانچو آهي. هن ان ڳالهه کي ??رجايو ته مضبوط بلدياتي نظام کانسواءِ جمهوريت نامڪمل آهي. وزيراعظم لاڳاپيل عملدارن کي ??دايت ڪئي ته اهي بلدياتي نمائندن جي سڌوسنئون چونڊن کي ??قيني بڻائين ۽ پنجاب ۾ بلدياتي چونڊون فوري طور تي ڪرائڻ جي لاءِ قدم کڻن.