اسلام آباد -21 آگسٽ (اي پي پي)پرڏيهي وزير مخدوم شاه ??حمود قريشي روس جي پرڏيهي وزير سرگئي ل??رو?? سان ٽيليفونڪ رابطو ڪيو آهي. ٻنهي اڳواڻن وچ ۾ ٻه طرفي لاڳاپن ۽ افغانستان جي بدلجندڙ صورتحال جي حوالي سان ڳالهه ٻولهه ڪئي وئي. ان موقعي تي شاه ??حمود قريشي چيو ته پرامن ۽ مستحڪم افغانستان نه صرف پاڪستان پر سڄي خطي لاءِ انتهائي اهميت رکي ٿو. پاڪستان هميشه افغان امن عمل جي حمايت ڪئي. هن چيو ته پاڪستان ۽ روس ”ٽرائيڪا پلس“ جو حصو هجڻ ڪري افغانستان ۾ امن جي ق??ام لاءِ ڀرپور ڪردار ادا ڪيو. موجوده حالتن کي نظر ۾ رکندي افغان شهرين جي سيڪيورٽي ۽ انهن جي حقن جي تحفظ کي اولين ترجيح ڏيڻ گهرجي. شاه ??حمود قريشي چيو ته پاڪستان ۽ روس وچ ۾ گهرا ٻه طرفا لاڳاپا آهن. اسان پاسڪتان اسٽريم گيس پائپ لائين منصوبي تي جلد عملدرآمد لاءِ پرعزم آهيون.