اسلام آباد – 07 آگسٽ (اي پي پي) منصوبابندي، ت??قي، سڌارن ۽ خاص قدمن واري وفاقي وزير اسد عمر چيو آهي ته 50 سال يا ان کان وڏي عمر جي ماڻهن کي ڪورونا ويڪسين لڳائڻ جي شرح 33 سيڪڙو ٿي وئي آهي. پنهنجي ٽوئيٽ ۾ هن چيو ته 4 هفتا اڳ 50 سال کان وڏي عمر جي 21 سيڪڙو پاڪستانين ڪورونا ويڪسين جي هڪ خوراڪ لڳرائي هئي ۽ ها??ي اها شرح وڌي 33 سيڪڙو ٿي وئي آهي. وفاقي وزير وڌيڪ چيو ته 50 سال يا ان کان وڏي عمر جي ماڻهن جو ڪورونا وائرس کان سڀ کان وڌ??ڪ متاثر ٿيڻ جو ??طر?? آهي، مهرباني ڪري خاص طور تي ان عمر جي ماڻهن کي ويڪسين لڳرائڻ جي ترغيب ڏيو.