اسلام آباد – پهرين آگسٽ (اي پي پي) اطلاعات ۽ نشريات واري وفاقي وزير چوڌري ف??اد حسين چيو آهي ته ??کڻ آفريقا جي رانديگر هرشبل گبز تي ڪشمير ليگ کان پاسو اختيار ڪرڻ جي لاءِ دٻاءُ وجهڻ افسوسناڪ آهي. صحافين سان ڳالهائيندي هن چيو ته ڪرڪيٽ کي سياست جي لاءِ اس??عمال ڪرڻ جو عمل نريندر مودي اڳ ۾ به ڪري چڪو آهي جنهن جي اس??ن سخت مذمت ڪريون ٿا. چوڌري ف??اد حسين چيو ته هرشل گبز تي پابندي جي لاءِ دٻاءُ وجهڻ سان ڪشمير جي تحريڪ کي ڪو نقصان نه پهچندو پر فائدو ئي ٿيندو. هن چيو ته پنهنجي غيرمنطقي سياسي مقصدن جي لاءِ عالمي رانديگرن کي روڪي هي پنهنجو ئي نقصان ڪندا. هن چيو ته ڀارت ۽ پاڪستان ۾ ڪرڪيٽ جا لکين شوقين آهن، ڪرڪيٽ کي سياست کان جدا رکڻ گهرجي. هن چيو ته ڪشمير ليگ پاڪستان جي ڪرڪيٽ جي لاءِ اهميت رکندڙ آهي، ماڻهو ان کي ڏسڻ چاهين ٿا.