اسلام آباد – 18 جون (اي پي پي) صدر ڊاڪٽر عارف علوي وفاقي محتسب کي هدايت ڪئي آهي ته سمنڊ پار پاڪستانين جي سهولت لاءِ ٻاهرين ملڪ نوٽري پبلڪ جي ??امزدگي جي حوالي سان پنهنجي ??يصلي تي عملدرآمد يقيني بڻائي، ان قدم سان ٻاهرين ملڪ دستاويزن جي تصديق ۽ مختيار نامو جاري ڪرڻ جي طريقيڪار کي آسان بڻائڻ ۾ مدد ملندي، صدر ان حوالي سان 5 سالن کان وڌيڪ عرصي کان هڪ معاملو حل نه ٿيڻ ۽ لاڳاپيل کاتن پاران موثر قدم نه کڻڻ تي ناراضگي جو اظهار ڪيو. آمريڪا ۾ رهندڙ هڪ پاڪستاني شهري جي شڪايت جو نوٽيس وٺندي صدر وفاقي محتسب کي هدايت ڪئي ته 15 اپريل 2015ع تي ڪيل پنهنجي ??يصلي تي بنا دير قانون موجب عملدرآمد يقيني بڻائي، محمد نصر الله خان نالي شهري وفاقي محتسب جي ??يصلي تي عملدرامد نه ٿيڻ جي خلاف صدر کان نوٽيس وٺڻ جي اپيل ڪئي هئي. وفاقي محتسب 15 اپريل 2015ع تي پنهنجي ??يصلي ۾ گهرو وزارت کي آمريڪا جي ??ڏن شهرن ۾ نوٽري پبلڪ مقرر ڪرڻ جي سفارش ڪئي هئي جيڪي سمنڊ پار پاڪستانين جي دستاويزن جي تصديق ڪري سگهن. شڪايت ڪندڙ ان فيصلي تي عملدرآمد جي سلسلي ۾ وفاقي محتسب کي اپيل ڪئي جنهن تي 18 جون 2015ع تي ٿيندڙ ٻڌڻي ۾ وفاقي محتسب پرڏيهي وزارت کي ٻن مهينن ۾ مناسب حڪمت عملي جوڙڻ ۽ سمنڊ پار پاڪستانين جي سهولت لاءِ ٻاهرين ملڪ پاڪستاني سفارتخانن کي ضروري هدايتون جاري ڪرڻ ۽ ان حوالي سان عملدرآمد جي رپورٽ پيش ڪرڻ جي ??دايت ڪئي هئي.