اسلام آباد – 27 – مئي (اي پي پي) وزيراعظم عمران خان سان گڏيل قومن جي جنرل ??سيمب??ي جي صدر ولڪن بوزڪر ملاقات ڪئي ۽ علائقائي ۽ عالمي امن، سلامتي ۽ گڏيل قومن جي ايجنڊا تي موجود فلسطين ۽ ڄمون ۽ ڪشمير جهڙن اهم ??ڪرارن، افعان امن عمل، ڏوهن، بدعنواني ۽ رشوت جي آمدني جي غير قانوني منتقلي، پائيدار ترقي ۽ ڪووڊ – 19 وبا جي ڏس ۾ اقتصادي بحا??ي جي ڪوششن بابت مختلف معاملن تي خيالن جي ڏي وٺ ڪئي. وزيراعظم ميڊيا آفيس مان جاري بيان موجب وزيراعظم عمران خان فلسطين مسئلي تي گڏيل قومن جي جنرل ??سيمب??ي جي خصوصي اجلاس گهرائڻ جي جنرل ??سيمب??ي جي صدر جي ڪردار کي ساراهيو ۽ چيو ته جنگ بندي جي اعلان کانپوءِ امن عمل جي بحالي ۽ گڏيل قومن جي لاڳاپيل قراردادن ۽ رياستي ويزن موجب فلسطين مسئ??ي جي منصفاڻي ۽ ڊگهي حل لاءِ قدم کڻڻ گهرجن، وزيراعظم ماحولياتي تبديلي ۽ ماحولياتي مسئلن جي حل لاءِ گڏيل قومن تحت عالمي تعاون وڌائڻ ۽ اسرندڙ ملڪن جي مدد لاءِ قرض ۾ رليف، اقتصادي بحا??ي جي ڪوششن ۽ 2030ع تائين پائيدار ترقي جا هدف حاصل ڪرڻ جي ضرورت کي اجاگر ڪيو. ولڪن بوز وزيراعظم کي اهم ??المي سياسي، سماجي ۽ اقتصادي مسئلن جي حل لاءِ جنرل ??سيمب??ي جي پنهنجي صدارت جي مدي دوران ڪيل مختلف قدمن جي باري ۾ آگاهه ڪيو.