اسلام آباد – 11 – مئي (اي پي پي) وزيراعظم عمران خان واضح طور تي چيو آهي ته شگر مافيا کي ڪنهن به صورت ۾ اين آر او نه ٿو ڏئي سگهجي، شگ?? ملز مالڪن کي عوام جي کيسن تي ڌاڙو هڻڻ نه ڏينداسين. هن اهڙن خيالن جو اظهار پي ٽي وي پروگرام ”توهان جو وزيراعظم توهان سان گڏ“ پروگرام ۾ سڌوسنئو?? عوام جي سوالن جا جواب ڏيندي ڪيو. وزيراعظم چيو ته ملڪ جون سموريون ش???? ملز طاقتور طبقي جون آهن جيڪي ڪارٽيل ٺاهين ٿا ۽ پنهنجي مفادن جي لاءِ طاقتور طبقو گڏ ٿي وڃي ٿو.