اسلام آباد – 05 نومبر (اي پي پي) وزيراعظم عمران خان جي صدارت ۾ هائوسنگ، ڪنسٽرڪشن ۽ ڊولپمينٽ بابت قومي رابطا ڪميٽي جو هفتيوار اج??اس اس??ام آباد ۾ منعقد ٿيو، ايسوسئيشن آف بلڊرز ۽ ڊوليپرز (آباد) اج??اس کي آگاهه ڪيو ته سنڌ ۾ 74 منصوبن جي منظوري ملي چڪي آهي جنهن جي ڪل لاڳت 28 ارب روپيا آهي، انهن منصوبن جي آغاز سان 55 ارب روپين جون لاڳاپيل معاشي سرگرميون شروع ٿينديون. وزيراعظم ميڊيا آفيس موجب اج??اس کي آگاهه ڪيو ويو ته سيپٽمبر 2019ع کان سيپٽمبر 2020ع جي عرصي ۾ سيمينٽ جي وڪري ۾ 17 سيڪڙو ۽ اس??يل جي وڪري ۾ 19 سيڪڙو اضافو رڪارڊ ٿيو، آباد تعميرات جي منظوري جي عمل کي وڌيڪ آسان بڻائڻ جي حوالي سان حڪومتي ڪوششن کي ساراهيو ۽ ان ڏس ۾ تجويزون به پيش ڪيون.