ميڊيا معاشري جو اهم حصو آهي: محمد صادق سنجراڻي

image
APP10-24 ISLAMABAD: January 24 - Chairman Senate, Muhammad Sadiq Sanjrani exchanging views with office-bearers of Press Club Peshawar at Parliament House. APP

اسلام آباد – 24 جنوري (اي پي پي) سينيٽ چيئرمين محمد صادق سنجراڻي چيو آهي ته ميڊيا معاشري جو اهم حصو آهي ۽ صحافي ملڪي مسئلن کي اجاگر ڪرڻ سان گڏوگڏ سماجي ۽ قومي ترقي جي لاءِ رهنما اصول جوڙڻ ۾ سدائين مددگار رهندا آهن، پر بدقسمتي سان اهو طبقو جيڪو معاشري جي هر شعبي جي مسئلن کي اجاگر ڪندو آهي ان جي پنهنجي مسئلن کي نظر انداز ڪيو ويندو آهي، هن چيو ته صحافين جي ملازمتن جي تحفظ جي لاءِ پهرين موجود قانونن تي عملدرآمد ٿيڻ گهرجي ۽ ضرورت پوي ته ان سلسلي ۾ نوان قانون به ٺاهي سگهجن ٿا. سينيٽ سيڪريٽريٽ موجب هن اهڙن خيالن جو اظهار پشاور پريس ڪلب جي هڪ وفد سان ڳالهائيندي ڪيو

مضمون کا ماخذ : میگا ملینز آن لائن ٹکٹ