اسلام آباد-29 آگسٽ (اي پي پي) پاڪ فوج طرفان 16 ٽن راشن ٻوڏ متاثر علائقن ڏانهن موڪليو ويو آهي. آءِ ايس پي آر پاران جاري بيان مطابق آرمي رليف سينٽر طرفان ملڪ جي مختلف حصن ۾ رليف امداد فراهم ڪئي وئي آهي. لاهور ڪور طرفان 8 ٽن خوراڪ لاهور کان صبعت پور، بلوچستان موڪلي وئي. راولپنڊي ڪور طرفان ڪي پي ڪي جي علائقي ڊي آءِ خان ۾ 4 ٽن راشن موڪليو ويو آهي جڏهن ته گجرانوالا ڪور طرفان سيالڪوٽ کان پنون عاقل 4 ٽن راشن موڪليو ويو آهي.