ايبٽ آباد – 25 – اپريل (اي پي پي) وزيراعظم محمد شهباز شريف ايبٽ آباد ۾ شه??د ڪسٽمز انسپيڪٽر سيد حسنين علي ترمذي جي رهائشگاهه تي ويو ۽ شه??د جي والد ۽ ٻارن سان تعزيت جو اظهار ۽ فاتحه خواني ڪئي. ان موقعي تي ڪشمير ۽ گلگت بلتستان ۽ سيفران وارو وفاقي وزير انجنيئر امير مقام، اطلاعات ۽ نشريات وارو وفاقي وزير عطاءُ الله تارڙ، قومي اسيمبلي ميمبر سردار محمد يوسف، مسلم ??يگ (ن) جو اڳواڻ مرتضيٰ جاويد عباسي، ايف بي آر چيئرمين ملڪ امجد زبير ٽوانه پڻ ساڻس گڏ هئا. وزيراعظم شه??د جي ڌيءَ ۽ پٽ کي پيار ڪيو ۽ انهن سان دلي ه??درديءَ جو اظهار ڪيو. وزيراعظم شه??د جي والد کي گلي لڳائي حوصلو ۽ دلاسو ڏنو ۽ شه??د پئڪيج تحت شه??د جي بيوا??ه ۽ ٻارن جي لاءِ امدادي چيڪ کيس پيش ڪيو. وزيراعظم چيو ته اها امدادي رقم توهان جي شه??د پٽ جي عظيم قرباني جو نعم البدل نٿي ٿي سگهي پر شه??د جي بيوا??ه ۽ ٻارن جي لاءِ حڪومت جيڪو ڪجهه ??ه ڪري سگهي ٿي، ڪندي، انهن جي تعليم ۽ علاج جا خرچ پڻ حڪومت برداشت ڪندي.