اسلام آباد-09 مارچ (اي پي پي) وزيراعظم محمد شهباز شريف پاڪستان پيپلزپارٽي جي ش??يڪ چي??رم??ن آصف علي زرداري کي ٻيو ڀيرو پاڪستان جو صدر چونڊ??ڻ تي مبارڪون ڏيندي چيو آهي ته قومي اسيمبلي، سينيٽ ۽ چئني صوبن جي چونڊيل ميمبرن آصف علي زرداري تي پنهنجي اعتماد جو اظ??ار ڪيو. صدر آصف علي زرداري وفاق جي مضبوطي جي علامت هوندو. ڪالهه ڇنڇر ڏينهن وزيراعظم آفيس جي ميڊيا ونگ مان جاري بيان ۾ وزيراعظم چيو ته اميد آهي ته آصف علي زرداري پاڪستان جي صدر طور پنهنجون آئيني ذميواريون بهترين طريقي سان سرانجام ڏيندو. آصف علي زرداري جو پاڪستان جي صدر طور چونڊجڻ جمهوري قدرن جو تسلسل آهي، اتحادي پارٽيون گڏجي پاڪستان جي ترقي ۽ خوشحالي لاءِ محنت ڪنديون.