اسلام آباد – 09 – فيبروري (اي پي پي) نگران وزيراعظم انوارالحق ڪاڪڙ چيو آهي ته ??وس ۽ چين سميت خطي جا سمورا ملڪ افغانستان ۾ امن، سلامتي ۽ استحڪام چاهين ٿا. ”طلوع نيوز“ کي هڪ خصوصي انٽرويو ۾ هن چيو ته ??فغانستان کي تسليم ڪرڻ جي لاءِ علائقائي اتفاق راءِ جي ضرورت آهي. هن چيو ته ??يستائين سمورا خطا ۽ دنيا جا ٻيا ملڪ افغانستان جي موجوده حڪومت کي تسليم نه ٿا ڪن پاڪستان ان حوالي سان هڪ قدم پڻ اڳتي نه وڌندو. هن چيو ته ??ئون ذاتي طور تي يقين رکان ٿو ته ??طي جا سمورا مل?? چاهين ٿا ته ??فغانستان حڪومت کي تسليم ڪيو وڃي، جڏهن ته ??ئون صحيح وقت بابت ڳالهه نه ٿو ڪري سگهان پر علائقائي ملڪ ان ڳالهه کي سمجهي چڪا آهن، مون کي يقي?? آهي ته وقت گذرڻ سان گڏوگڏ ان کي تسليم ڪرڻ جو مسئلو حل ٿي ويندو. نگران وزيراعظم چيو ته ڊيورنڊ لائين افغانستان ۽ پاڪستان جي وچ ۾ عالمي سطح تي مڃيل سرحد آهي، گڏيل قومون ۽ 206 ملڪن ان کي عالمي سرحد جي طور تي منظور ڪيو آهي ۽ افغان عوام ان بابت ڇا ٿي چوي اهو ان جو اندروني بحث آهي، جنهن سان مون کي ڪا دلچسپي نه آهي. هن چيو ته ??حريڪ طالبان پاڪستان (ٽي ٽي پي) کي افغانستان جي ڪجهه صوبن ۾ پناهگاهون حاصل آهن ۽ ا?? مسئلي جي ڪري پاڪستن ۾ سيڪيورٽي جو مسئلو پيدا ٿيو آهي. نگران وزيراعظم چيو ته ??ڏهن منهنجا ماڻهو توهان جي سرزمين تي اچن ٿا ۽ ان جو استعمال ۽ ان تي ٽريننگ ڪن ۽ پوءِ اچي منهنجي قوم کي نقصان پهچائين، ته ??ئون توهان کي اهو ضرور چوندس ته منهنجو ناخوشگوار ڀاءُ توهان جي سرزمين تي آهي، ڀلي توهان جي اجازت سان هجي يا نه هجي، پنهنجي سرزمين تان بيدخل ڪري ڇڏڻ گهرجي. نگران وزيراعظم چيو ته ??هو پاڪستان جو موقف آهي ۽ اسان افغان حڪومت تي انهن ماڻهن کي ڄاڻي واڻي پناهه ڏيڻ جو الزام نه لڳايو. هن چيو ته ڪنهن به ملڪ کي افغانستان جي خلاف پاڪستان جون فضائي حدون استعمال ڪرڻ جي اجازت نه ڏني ويندي.