اسلام آباد – 09 – جنوري (اي پي پي) نگران وزيراعظم انوارالحق ڪاڪڙ آفريقي ۽ ايشيائي ملڪن سان واپاري ۽ اقتصادي رابطا وڌائڻ ۽ غزه ۾ تشدد جي خاتمي ۽ فلسطين ۾ پائيدار امن جي لاءِ گڏيل ڪوششن کي تيز ڪرڻ جي ضرورت تي زور ڏنو آهي. وزيراعظم آفيس جي ميڊيا ونگ پاران ??اري بيان موجب نگران وزيراعظم انوارالحق ڪاڪڙ سان ??فريقي ۽ ايشيائي ملڪن جي سفيرن جي هڪ گروپ مانجهاندي تي ??لاقات ڪئي. ملاقات دوران ??لجزائر ۽ سوڊان ??ي سفيرن سان گڏوگڏ بنگلاديش، برونائي، ملائيشيا، ماريشيس ۽ ڏکڻ آفريقا جا هاءِ ڪمشنرز پڻ موجود هئا جڏهن ته ايٿوپيا، انڊونيشيا، ڪينيا، نائجيريا، صوماليه، تيونس ۽ زمبابوي جا ناظم الامور پڻ ان موقعي تي ??وجود هئا. نگران وزيراعظم آفريقا سان پاڪستان ??ي لاڳاپن جي اهميت کي اجاگر ڪيو. هن آفريقي ملڪن سان ٻطرفي ۽ علائقائي سطح تي ??اڳاپن کي مضبوط بڻائڻ جي خواهش جو اظهار ڪيو. نگران وزيراعظم پاڪستان ۽ آفريقا جي وچ ۾ گذريل سالن دوران ??هترين سياسي لاڳاپن جو اعتراف ڪندي واپاري ۽ اقتصادي رابطن کي وڌائڻ جي ضرورت تي زور ڏنو. هن چيو ته چوٿين پاڪستان ??فريقا واپاري ڪانفرنس مصر جي شهر قاهره ۾ 9 کان 11 جنوري 2024?? تائين جاري آهي جنهن ۾ پاڪستان ??ي نمائندگي واپار واري نگران وف??قي وزير جي قيادت ۾ هڪ وڏو واپاري وفد ڪري رهيو آهي. هن ڏکڻ اوڀر ايشيائي ملڪن خاص طور تي برونائي، انڊونيشيا ۽ ملائيشيا سان پاڪستان ??ي تاريخي لاڳاپن کي ساراهيو. هن چيو ته پاڪستان ??نهن اهم ملڪن سان ٻطرفي واپاري لاڳاپن کي سگهه ڏيڻ جو خواهشمند آهي ۽ آسيان ??ان پاڪستان ??ي مصروفيتن کي مضبوط بڻائڻ ۾ انهن سان ??عاون جو خواهشمند آهي. غزه ۾ جاري صورتحال جو ذڪر ڪندي نگران وزيراعظم گڏيل قومن جي وچ ۾ ڳالهه ٻولهه ۽ تشدد جي خاتمي ۽ فلسطين ۾ پائيدار امن قائم ڪرڻ جي لاءِ گڏيل ڪوششن کي تيز ڪرڻ جي ضرورت تي زور ڏنو. نگران وزيراعظم پاڪستان ۽ انهن جي لاڳاپيل ملڪن سان مضبوط لاڳاپا قائم ڪرڻ جي ڪوششن تي سفيرن کي ساراهيو. سفيرن انهن سان ڳالهه ٻولهه جي لاءِ وقت ڪڍڻ تي ??گران وزيراعظم جا ٿورا مڃيا ۽ چيو ته اهي ٻطرفي لاڳاپن کي وڌائڻ جي لاءِ پاڪستان ??ان گڏجي ڪم ڪندا رهندا.