اسلام آباد – 22 – ڊسمبر (اي پي پي) اطلاعات، نشريات ۽ پارلياماني معاملن واري نگران وفاقي وزير مرتضيٰ سولنگي چيو آهي ته ڪجهه سياسي پارٽين جي مطالبي تي اليڪشن ڪميشن نامزدگي ڪاغذ جمع ڪرائڻ جي ت??ريخ ۾ ٻن ڏينهن جو اضافو ڪيو، اليڪشن ڪميشن چونڊن جي ت??ريخ ۾ ڪا تبديلي ناهي ڪئي، چونڊون 8 فيبروري 2024ع تي ئي ٿينديون، بلوچ م??اه??ين جا مطالبا پراڻا آهن، نگران حڪومت جي پوري ڪوشش هوندي ته اها ان معاملي کي حل ڪري. ”ڊان نيوز“ جي پروگرام ۾ ڳالهائيندي هن چيو ته بلوچ م??اه??ين ۾ شامل عورتن ۽ ٻارن کي فوري طوري تي آزاد ڪرڻ جو فيصلو ڪيو هو، ڪجهه م??اه??ين کي طبي سهولت پڻ ڏني وئي. هن چيو ته م??اه??ين ۾ اڪثر اهي ماڻهو شامل هئا جن جو اسلام آباد ۾ پنهنجو ڪو گهر نه هو، اسان انهن کي محفوظ طريقي سان ڪوئيٽا واپس موڪلڻ جو فيصلو ڪيو پر م??اه??ين واپس وڃڻ کان انڪار ڪري ڇڏيو، انهن ۾ ڪجهه ماڻهو پنهنجي رشتيدارن سان گڏ هليا ويا. هن چيو ته اسان جو مقصد م??اه??ين کي محفوظ طريقي سان انهن جي گهرن ڏانهن واپس موڪلڻ هو. مرتضيٰ سولنگي چيو ته گرفتار م??اه??ين کي آزاد ڪيو ويو آهي جڏهن ته ڪجهه ماڻهو گرفتار آهن انهن جي جاچ جاري آهي، ان حوالي سان به جلد سٺي خبر ايندي. هن چيو ته اسان م??اه??ين کي انهن جي پراڻن مطالبن تي غور ڪرڻ جو يقين ڏياريو آهي، نگران حڪومت جو مدو محدود آهي، اسان جي پوري ڪوشش هوندي ته ان معاملي کي حل ڪريون. هڪ سوال جي جواب ۾ هن چيو ته اليڪشن ڪميشن نامزدگي ڪاغذن جي حوالي سان اميدوارن جي شڪايتن جو نوٽيس ورتو آهي، اميدوارن جي جائز شڪايتن جو ازالو ڪيو پيو وڃي. هن چيو ته اسان جي پوري ڪوشش آهي ته جن شين جو اليڪشن ڪميشن نوٽيس ورتو آهي، ان جو تدارڪ ٿ??ي. هن چيو ته ام امان صوبائي معاملو آهي، صوبائي حڪومت قانون تحت ڪارروائي ڪندي آهي. اسان اليڪشن ڪميشن جي مدد ڪرڻ جا پابند آهيون. هڪ سوال جي جواب ۾ هن چيو ته مختلف سياسي پارٽين جي مطالبي تي اليڪشن ڪميشن نامزدگي ڪاغذ جمع ڪرائڻ جي ت??ريخ ۾ ٻن ڏينهن جو اضافو ڪيو، اليڪشن ڪميشن چونڊن جي ت??ريخ ۾ ڪا تبديلي ناهي ڪئي، چونڊون 8 فيبروري 2024ع تي ئي ٿينديون.