اسلام آباد – 14 – ڊسمبر (اي پي پي) ??در ڊاڪٽر عارف علوي نج??ار?? ڪميشن (ترميمي) آرڊيننس 2023ع جاري ڪري ڇڏيو. آرڊيننس جومقصد نج??ار?? معاملن ۾ غيرضروري دير ختم ڪرڻ، مسئلا حل ڪرڻ، قانون ۽ انصاف جي اصولن تي عملدرآمد يقيني بڻائڻ آهي. ايوان ??در جي پريس ونگ موجب آرڊيننس جي مدد سان نج??ار?? ڪميشن آرڊيننس 2000ع جي شق نمبر 28 کان شق نمبر 33 ۾ ترميمون ڪيون ويون آهن. آرڊيننس جو مقصد نج??ار?? اپيليٽ ٽربيونل جو قيام عمل ۾ آڻڻ آهي. نج??ار?? اپيليٽ ٽربيونل وٽ نج??ار?? بابت ديواني ۽ فوجداري معاملن تي ٻڌڻي ۽ فيصلن جو اختيار هوندو. نج??ار?? ڪميشن آرڊيننس 2000ع ۾ ملڪي هاءِ ڪورٽس کي ڏنل اختيار هاڻي نج??ار?? اپيليٽ ٽربيونل کي منتقل ڪيا ويا آهن. آرڊيننس کان اڳ ملڪ جي سمورين هاءِ ڪورٽس کي نج??ار?? معاملن ۾ هڪ ئي وقت دائره اختيار حاصل هو. آرڊيننس تحت وفاقي حڪومت ٽن ميمبرن تي ٻڌل نج??ار?? اپيليٽ ٽربيونل قائم ڪندي. ??در حڪومت پاران تجويز ڪيل ترميمي آرڊيننس کي سيڪشن 28 جي ذيلي سيڪشن 2 (چار) ۾ تبديلي کانپوءِ منظور ڪيو. ??در تجويز ڪيل حڪومتي آرڊيننس ۾ اپيليٽ ٽربيونل جو چيئرپرسن هاءِ ڪورٽ جي رٽائرڊ جج بدران سپريم ڪورٽ جو رٽائرڊ جج لڳائڻ جي تبديلي ڪئي. آرڊيننس تحت سپريم ڪورٽ جو رٽائرڊ جج نج??ار?? ٽربيونل جو چيئرپرسن هوندو. اپيليٽ ٽربيونل جو هڪ ٽيڪنيڪل ميمبر ۽ هڪ جوڊيشل ميمبر پن هوندو. اپيليٽ ٽربيونل جي فيصلن جي خلاف اپيل جي ٻڌڻي جو اختيار سپريم ڪورٽ آف پاڪستان وٽ هوندو. نج??ار?? اپيليٽ ٽربيونل جي فيصلي کان متاثر ڪو به شخص 60 ڏينهن جي اندر سپريم ڪورٽ آڏو اپيل داخل ڪري سگهي ٿو. نج??ار?? ڪميشن آرڊيننس 2000ع جا سيڪشن 30 ۽ 33 ختم ڪيا ويا آهن. ??در آرڊيننس آئين جي آرٽيڪل 89 هڪ تحت جاري ڪيو.