اسلام آباد – 11 – ڊسمبر (اي پي پي) پاڪستان ڀا??ت جي غيرقانوني طور تي قبضي هيٺ ڄمون ۽ ڪشمير ??ي حيثيت بابت ڀا??تي سپريم ڪورٽ جي فيصلي کي واضح طور تي رد ڪندي چيو آهي ته ڄمون ۽ ڪشمير هڪ عالمي سطح تي مڃيل تڪرار آهي جيڪو 7 ڏهاڪن کان وڌيڪ عرصي کان گڏيل قومن جي سلا??تي ڪائونسل جي ايجنڊا تي موجود آهي، ڄمون ۽ ڪشمير ??و حتمي فيصلو گڏيل قومن جي سلا??تي ڪائونسل جي لاڳاپيل قراردادن موجب ۽ ڪشميري عوام جي امنگن موجب ڪرڻو آهي، ڀا??ت کي ڪشميري عوام ۽ پاڪستان جي مرضي جي خلاف ان تڪراري علائقي جي حيثيت بابت هڪطرفو فيصلو ڪرڻ جو ڪو حق نه آهي. نگران پرڏيهي ??زي?? جليل عباس جيلاني پرڏيهي آفيس ۾ منعقد پريس ڪانفرنس ۾ چيو ته ڄمون ۽ ڪشمير ??المي سطح تي هڪ مڃيل تڪرار آهي جيڪو 7 ڏهاڪن کان وڌيڪ عرصي کان گڏيل قومن جي سلا??تي ڪائونسل جي ايجنڊا تي موجود آهي. هن چيو ته ڀا??ت کي ڪشميري عوام ۽ پاڪستان جي مرضي جي خلاف ان تڪراري علائقي جي حيثيت تي هڪطرفو فيصلو ڪرڻ جو ڪو ڪو حق حاصل نه آهي ۽ اهو ته پاڪستان ڄمون ۽ ڪشمير ??ي ڀا??تي آئين جي بالادستي کي تسليم نٿو ڪري. هن چيو ته ڀا??تي آئين جي تابع ڪو به عمل قانوني اهميت نه ٿو رکي. نگران پرڏيهي ??زي?? چيو ته ڀا??ت ملڪي قانونسازي ۽ عدالتي فيصلن جي بهاني پنهنجي عالمي ذميوارين کان دستبردار نٿو ٿي سگهي. هن چيو ته ڀا??ت جي پنهنجي غيرقانو??ي قبضي هيٺ ڄمون ۽ ڪشمير کي پاڻ سان گڏ شامل ڪرڻ جا سمورا ارادا ناڪام ٿيندا. هن چيو ته 5 آگسٽ 2019ع جي ڀا??ت جي هڪطرفي ۽ غيرقانو??ي قدم جي عدالتي توثيق انصاف جي گهرجن جي ابتڙ آهي جنهن جو بنياد مسخ ٿيل تاريخي ۽ قانوني دليلن تي ٻڌل آهي. جليل عباس جيلاني چيو ته ڀا??تي سپريم ڪورٽ جو فيصلو ڄمون ۽ ڪشمير ??ڪرار جي عالمي سطح تي مڃيل تڪراري نوعيت کي تسليم ڪرڻ ۾ ناڪام رهيو. هن چيو ته اهو فيصلو ڪشميري عوام جي امنگن کي پورو ڪرڻ ۾ ناڪام آهي، جيڪو اڳ ۾ ئي 5 آگسٽ 2019ع جي ڀا??ت جي غيرقانوني ۽ هڪطرفي قدم کي رد ڪري چڪو آهي. هن ان ڳالهه تي زور ڏنو ته رياست جي بحالي، رياستي اسيمبلي جي چونڊن جو انعقاد يا اهڙي طرح جا قدم ڪشميري عوام جي خودمختياري جي حق جو متبادل نٿا ٿي سگهن. نگران پرڏيهي ??زي?? چيو ته اهو فيصلو ڀا??ت جي غيرقانوني طور تي قبضي هيٺ ڄمون ۽ ڪشمير ۾ انساني حقن جي سنگين ۽ منظم خلاف ورزين تان عالمي برادري جو ڌيان هٽائي نه ٿو سگهي. هن چيو ته 5 آگسٽ 2019ع کان ڀا??ت جي هڪطرفي ۽ غيرقانو??ي قدم جو مقصد ڀا??ت جي غيرقانوني طور تي قبضي هيٺ ڄمون ۽ ڪشمير ??ي آبادياتي ڍانچي ۽ سياسي منظرنامي کي تبديل ڪرڻ آهي، جيڪو عالمي قانون ۽ گڏيل قومن جي سلا??تي ڪائونسل جي لاڳاپيل قراردادن خاص طور تي 1957ع جي قرارداد نمبر 122 جي کليل خلاف ورزي آهي. هن چيو ته اهو قدم پاڪستان جي لاءِ شديد ڳڻتي جو سبب بڻيل آهي ڇو ته ان جو حتمي مقصد ڪشميرين کي پنهنجي سرزمين ۾ هڪ بي اختيار ڪميونٽي ۾ تبديل ڪرڻ آهي. نگران پرڏيهي ??زي?? چيو ته امن ۽ ڳالهه ٻولهه جو ماحول پيدا ڪرڻ جي لاءِ ان قدم کي ختم ڪرڻو پوندو. نگران پرڏيهي ??زي?? جليل عباس جيلاني چيو ته پاڪستان ڀا??ت جي غيرقانوني طور تي قبضي هيٺ ڄمون ۽ ڪشمير ??ي عوام کي انهن جي فتح نه ٿيڻ جوڳي خودمختياري جو حق حاصل ڪرڻ جي لاءِ پنهنجي مڪمل سياسي، سفارتي ۽ اخلاقي حمايت جاري رکندو.