ڪراچي – 30 – آڪٽوبر (اي پي پي) صدر ڊاڪٽر عارف علوي ملڪ ۾ انفارميشن ٽيڪنال??جي ۽ مصنوعي ذهانت جي شعبي تي ڌيان ڏيڻ جي ضرورت تي زور ڏيندي چيو آهي ته جدت ۽ اڀرندڙ ٽيڪنالاجيز پاڪستان جي لاءِ ترقي ۽ خوشحالي جون نيون راهون کولي سگهن ٿيون. اهڙن خيالن جو اظهار هن نيشنل آئيڊياز بئنڪ جي وفد ??ان ڳالهه ٻولهه ڪندي ڪيو جنهن حسن سيد جي قيادت ۾ ساڻس ملاقات ڪئي. صدر چيو ته انفارميشن ٽيڪنال??جي سميت ٻين شعبن ۾ جدت کي فروغ ڏيڻو پوندو. صدر چيو ته غيرروايتي طريقن ??ان صنعتي عمل ۾ موجود مسئلا حل ڪري فائدو حاصل ڪري سگهجي ٿو، ڊيٽا ۽ ٽيڪنال??جي ا??ان کي باخبر فيصلا ڪرڻ ۽ صحيح رخ ۾ تيزي ??ان اڳتي وڌڻ ۾ م??د ڏئي سگهن ٿا. صدر نيشنل آئيڊياز بئنڪ تي زور ڏنو ته اها صنعتي ۽ ٻين ڌرين ??ان تعاون وڌائي. هن ٽيڪنال??جي جي شعبي ۾ نيشنل آئيڊياز بئنڪ جي ٻئي مقابلي جي ڪامياب انعقاد تي وفد کي مبارڪباد ڏني. ان موقعي تي آءِ ٽي ۽ مصنوعي ذهانت تي ٻڌل ٽيڪنال??جي ذريعي مقامي مسئلا حل ڪرڻ تي نيشنل آئيڊياز بئنڪ جي ميمبرن کي تعريفي سرٽيفڪيٽ پڻ ڏنا.