اسلام آباد – 18 – آڪٽوبر (اي پي پي) صدر ڊاڪٽر عارف علوي اسرائيل پاران سنگ??ن جنگي ڏوهن جي ارتڪاب تي ڳڻتي جو اظ??ار ڪندي چيو آهي ته اسرائيل هڪ اسپتال ت?? حملو ڪري سڀني عالمي ۽ اسلامي اصولن کي پائمال ڪيو آهي. ايوان صدر جي پريس ونگ پاران جاري بيان موجب صدر ڊاڪٽر عارف علوي غزه ۾ اسپتال تي وحشياڻي اسرائيلي فضائ?? حملي جي نتيجي ۾ عورتن ۽ ٻارن سميت ڪيترن ئي ماڻهن ??ي مارجي وڃڻ جي واقعي ??ي مذمت ڪئي. صدر جو اسرائيلي فضائ?? حملي جي نتيجي ۾ معصوم جان??ن جي نقصان تي پنهنجي شديد افسوس ۽ ڏک جو اظ??ار ڪيو. صدر چيو ته اسرائيل شهري آبادين ۽ صحت جي سهولتن کي بنا فرق جي نشانو بڻائي رهيو آهي، عالمي برادري اسرائيل کي ان جي جنگي ڏوهن تي جوابده بڻائي ۽ اسرائيلي بمباري ۽ غزه جي جاري گهيراءُ کي فوري طور تي روڪڻ جي لاءِ فوري طور تي قدم کڻي.