اسلام آباد – 12 – آڪٽوبر (اي پي پي) صدر ڊاڪٽر عارف علوي عراق ۽ پاڪستان جي ??چ ۾ واپاري ۽ معاشي لاڳاپا وڌائڻ جي ضرورت تي زور ڏيندي چيو آهي ته ٻئي ملڪ گڏيل مذهب ۽ ثقافت ۽ مختلف معاملن تي هڪ جهڙو ??وقف رکن ٿا. ايوان صدر جي ??ريس ونگ پاران جاري بيان موجب صدر اهڙن خيالن جو اظهار عراق جي ??اءِ پاڪستان جي ??امزد سفير محمد ذيشان احمد سان ملاقات ??وران ڪيو، جنهن ساڻس ايوان صدر ۾ ملاقات ڪئي. هن چيو ته عراق ۽ پاڪستان جي ??چ ۾ واپاري ۽ معاشي لاڳاپا وڌائڻ جي ضرورت آهي. صدر چيو ته پاڪستان ۽ عراق مختلف معاملن تي هڪ جهڙو ??وقف رکن ٿا، ٻنهي ملڪن جي ??چ ۾ عوامي ۽ واپاري رابطن کي فروغ ڏئي لاڳاپن کي وڌيڪ مضبوط بڻائي سگهجي ??و. صدر چيو ته نامزد سفير عراق ۾ رهندڙ پاڪستانين ۽ زائرين جي سهولت تي خاص ڌيان ڏي. صدر نامزد سفير کي عراق ۾ پاڪستاني سفير طور تي مقرر ٿيڻ تي مبارڪباد ڏني ۽ ان جي ??اءِ نيڪ خواهشن جو اظهار ڪيو.