اسلام آباد – 09 – آڪٽوبر (اي پي پي) پاڪستان ڀارتي رياست اتر پرديش جي وڏي وز??ر جي سنڌ واپس وٺڻ جي حوالي سان ڏنل ريمارڪس تي شديد ردعمل جو اظهار ڪيو آهي. پرڏيهي آفيس جي ترجمان ممتاز زهره بلوچ جاري بيان ۾ چيو ته اسان لکنئو ۾ قومي سنڌي ڪنوينشن ۾ اتر پرديش جي وڏي وز??ر، ڀارتي حڪمران پارٽي جي اهم ميمبر ۽ متعصب ” هندوتوا“ نظريي جي پيروڪار جي انتهائي غي??ذم??واراڻي ريمارڪس جي شديد لفظن ۾ مذمت ڪريون ٿا. ترجمان چيو ته ا??ا ڳالهه به ايتري ئي مذمت جوڳي آهي ته ”رام جنم ڀومي“ جي نام نهاد بحالي کي وڏي وز??ر ان خطي کي ٻيهر حاصل ڪرڻ جي سانچي جي طور تي پيش ڪيو آهي جيڪو پاڪستان جو حصو آهي. ترجمان چيو ته تاريخ گواهه آهي ته هندو جنونين جي هجوم 6 ڊسمبر 1992ع تي ايوڌيا ۾ تاريخي بابري مسجد کي شهيد ڪري ڇڏيو هو ۽ نڪ جي ڏاڍائي سان دعويٰ ڪئي هئي ته هن رام جي ڄم پيدائش کي واپس وٺڻ جي لاءِ ائين ڪيو. ترجمان چيو ته اتر پرديش جي وڏي وز??ر جا اشتعال انگيز ريمارڪس واضح طور تي ”اکنڊ ڀارت“ ( بنا ورڇ هندستان) جي اجائي دعويٰ کان متاثر آهن. هن چيو ته اهي ريمارڪس هڪ نظرثاني ۽ توسيع پسنداڻي ذهنيت کي ظاهر ڪن ٿا جيڪو نه رڳو ڀارت جي پاڙيسري ملڪن پر ان جي پنهنجي مذهبي اقليتن جي سڃاڻپ ۽ ثقافت کي پڻ مٽائڻ چاهي ٿو ۽ اهو ته هو تاريخ جو هڪ الٽو نظريو به ظاهر ڪري ٿو. هن چيو ته ا??ا ڳالهه ڳڻتي جوڳي آهي ته بي جي پي ۽ آر ايس ايس سان تعلق رکندڙ ماڻهو پنهنجي تفرقه انگيز ۽ متعصباڻي سياسي ايجنڊا کي اڳتي وڌائڻ جي لاءِ اهڙي طرح جي خي??لن کي تيزي سان فروغ ڏئي رهيا آهن. ترجمان چيو ته ڀارتي اڳواڻ کي ڏاڍ پسنداڻي ۽ توسيع پسنداڻي ارادن کي هٿي وٺرائڻ چڙهائڻ بدران پاڙيسري ملڪن سان تڪرارن کي حل ڪرڻ گهرجي ۽ انهن سان گڏجي هڪ پرامن ۽ خوشحال ڏکڻ ايشيا جي تعمير جي لاءِ ڪم ڪرڻ گهرجي.