اسلام آباد – 17 – آگسٽ (اي پي پي) نگران وزيراعظم انوارالحق ڪاڪڙ چيو آهي ته نگران حڪومت پاڪستان ۾ آئين موجب آزاداڻي ۽ منصفاڻيون چونڊون منعقد ڪرڻ جي لاءِ پوري دل سان ڪم ڪندي. پنهنجي ٽوئيٽ ۾ هن آمريڪي پرڏيهي وزير انٽوني بلنڪن پاران مبارڪباد تي ان جا ٿور?? مڃيندي چيو ته اسان آمريڪا سان پنهنجي حصيداري کي اهميت ڏيون ٿا ۽ خطي ۾ اقتصادي خوشحالي، جم??ور??ت ۽ استحڪام جي لاءِ گڏيل عزم کي قدر جي نگاهه سان ڏسون ٿا.