ٺٽو-13 جون (اي پي پي) ڊپٽي ڪمشنر غلام فاروق سومرو ڪيٽي بندر ۾ ڪيمپ آفيس قائم ڪري ??اڪ فوج، نيوي، ميري ٽائيمز سيڪيورٽي ايجنسي، پوليس ۽ ٻين لاڳاپيل ادارن جي مدد سان ??طري واري علائقي مان ماڻهن کي محفوظ هنڌن ۽ امدادي ڪيمپن ڏانهن منتقل ڪرڻ لاءِ ريسڪيو واري ھلندڙ ڪم جي نگراني ڪري رھيو آھي. ان موقعي تي ڊپٽي ڪمشنر چيو ته سامونڊي طوفان ??ائپر جوائي جي خطري کي نظر ۾ رکندي ضلعي انتظاميا پاڪستان ??رمي، نيوي، ميري ٽائيمز سيڪيورٽي ايجنسي، پوليس ۽ ٻين لاڳاپيل ادارن جي مدد سان ڪيٽي بندر جي سامونڊي پٽي جي غير محفوظ علائقن ۾ رهندڙ ماڻهن کي ڪڍڻ لاءِ ريسڪيو جو ڪم تيزي سان ??اري آهي تہ جيئن قيمتي جانين جي امڪاني نقصان کان ??چي سگهجي. هن چيو ته ضلعي انتظاميا پاران گورنمينٽ بوائز هاءِ اسڪول ٻگهاڻ، ٽي سي ايف اسڪول بابو ڪنان ٻگهاڻ، گورنمينٽ گرلز پرائمري اسڪول ڪيٽي بندر، گورنمينٽ پرائمري اسڪول ٻگهاڻ، ٽي سي ايف اسڪول پير ڏنو شاهه جهالو، ٽي سي ايف اسڪول جھنگيسر، گورنمينٽ بوائز هاءِ اسڪول ڳاڙھو، گورنمينٽ بوائز ڊگري ڪاليج ڳاڙھو ۽ وٽنري اسپتال ڳاڙھو ۾ رليف ڪيمپون قائم ڪيون ويون آهن. ڊپٽي ڪمش??ر وڌيڪ چيو ته هن وقت تائين ساحلي علائقن مان ??ٽڪل 727 خاندانن کي ريسڪيو ڪري مختلف رليف ڪئمپن ۾ منتقل ڪيو ويو آهي جتي کين پڪل کاڌو، پيئڻ جو صاف پاڻي، مڇر دانيون، موبائيل اسپتال?? دوائون، واش رومز ۽ ٻيون سموريون گهربل سھولتون فراهم ڪيون پيون وڃن. هن چيو ته ضلعي انتظاميه پاران ??سسٽنٽ ڪمشنرن، مختيارڪارن، چونڊيل نمائندن ۽ مقامي معززين ذريعي ماڻهن کي ساحلي علائقن مان نڪرڻ تي قائل ڪرڻ لاءِ سرگرم مهم پڻ هلائي پئي وڃي ته جيئن کين محفوظ هنڌن ڏانهن منتقل ڪري سگهجي. ڊپٽي ڪمش??ر وڌيڪ ٻڌايو ته ٻيا به ڪيترائي ماڻهو خطري واري هنڌن کان نڪري چڪا آهن ۽ انهن کي پڻ ضلعي انتظاميا پاران قائم ڪيل مختلف رليف ڪيمپن ۾ منتقل ڪرڻ جون ڪوششون جاري آهن.