اسلام آباد – 14 – جون (اي پي پي) وزيراعظم محمد شهباز شريف چيو آهي ته سامونڊي طوفان جي نتيجي ۾ ڪنهن به قسم جي هنگامي صورتحال کي منهن ڏيڻ جي لاءِ تياريون ڪ??ي ورتيون آهن، ماڻهن کي ??امونڊي علائقن مان محفوظ جاين تائين منتقل ڪرڻ جي هدايت ڪئي آهي، موسمياتي تبديلي وا??ي وفاقي وزير جي سربراهي ۾ ڪميٽي صورتحال جي نگراني ڪندي. پنهنجي ٽوئيٽ ۾ ه?? چيو ته سامونڊي طوفان بپرجوائي جي ڪيٽي ب??در سان ٽڪرائڻ جي امڪانن جي ڏس ۾ سمورا لاڳاپيل حڪومتي ادارا ماڻهن جي اڳواٽ ريسڪيو کي يقيني بڻائي رهيا آهن. وزيراعظم چيو ته هن هدايت ڪري ڇڏي آهي ته سامونڊي علائقن ۾ رهندڙ 50 هزار کان وڌيڪ ماڻهن کي ??فاظتي جاين تائين پهچايو وڃي جتي انهن کي پيئڻ جو صاف پاڻي ۽ خوراڪ سان گڏوگڏ طوفان جي خاتمي تائين رهائش ۽ طبي سهولتون فراهم ڪيون وڃن. ه?? چيو ته بپرجوائي سان پيدا ٿيندڙ امڪاني هنگامي صورتحال کي منهن ڏيڻ جي لاءِ موسمياتي تبديلي وا??ي وزير جي سربراهي ۾ هڪ ڪميٽي جوڙي ڇڏي آهي، ڪميٽي ۾ لاڳاپيل وفاقي وزير ۽ وفاقي ۽ صوبائي ادارن جا نمائندا شام?? آهن جيڪي مسلسل ان طوفان جي نگراني ڪري ڪنهن به صورتحال کي منهن ڏيڻ جي لاءِ 24 ڪلاڪ رابطو بحال رکندا. ه?? چيو ته ڪراچي ۾ به برساتن ۽ تيز هوائن جي نتيجي ۾ ڪنهن به قسم جي هنگامي صورتحال جي لاءِ تياري ڪئي وئي آهي جڏهن ته سامونڊي مُهاڻن ۽ سامونڊي علائقن تي آبادي جو انخلا تيزي سان جاري آهي، الله تعاليٰ هن قومي ڪوشش سان اسان کي پنهنجي شهرين کي ??ن طوفان جي نقصانن کان محفوظ رکندو.