اسلام آباد – 12 – جون (اي پي پي) صدر ڊاڪٽر عارف علوي ملڪ ۾ ??ار?? جي حقن جي تحفظ ۽ چائيلڊ ليبر جي خاتمي لاءِ ڪوششون تيز ڪرڻ جي ضرورت تي زور ڏيندي چيو آهي ته سم??جي انصاف جي فروغ ۽ ??ار?? کي تعليم جي فراهمي يقيني بڻائي چائيلڊ ليبر کي ختم ڪري سگهجي ٿو. ايوان صدر جي پريس ونگ پاران جاري بيان موجب صدر اهڙن خيالن جو اظهار ??ار?? جي پورهئي (چائيلڊ ليبر) جي عالمي ڏينهن جي موقعي تي پنهنجي پيغام ۾ ڪيو. هن چيو ته هي ڏينهن چائيلڊ ليبر جي خاتمي ۽ ان بابت آگاهي پيدا ڪرڻ جي لاءِ ملهايو پيو وڃي، ??ار?? کان پورهيو عالمي سطح تي درپيش هڪ وڏو چئلينج آهي، گڏيل قومن موجب دنيا ۾ اٽڪل 16 ڪروڙ ٻار پورهئي تي مجبور ۽ هر 10 مان هڪ ٻار مزدوري ڪري رهيو آهي. هن جو چوڻ هو ته جيتوڻيڪ عالمي سطح تي چائيلڊ ليبر ۾ گهٽتائي آئي تنهن هوندي به اڃا وڌيڪ ڪم ڪرڻ جي ضرورت آهي، سم??جي انصاف جي فروغ سان ??ار?? جي پورهئي جي چئلينج تي ضابطو آڻي سگهجي ٿو. هن چيو ته چائيلڊ ليبر جي خاتمي لاءِ ان جي بنيادي سببن تي ضابطو آڻڻو پوندو، غربت، جنگ، دهشتگردي ۽ تعليم تائين پهچ نه هجڻ به چائيلڊ ليبر جا وڏا سبب آهن. صدر چيو ته سم??جي انصاف جي فروغ ۽ ??ار?? کي تعليم جي فراهمي يقيني بڻائي چائيلڊ ليبر جو خاتمو ڪري سگهجي ٿو، غربت جي ڪري گهٽ عمر ۾ ئي ٻار پورهيو ڪرڻ تي مجبور ٿي وڃن ٿا. ڊاڪٽر عارف علوي چيو ته چائيلڊ ليبر جي ڪري ٻار پنهنجي ??ار??تڻ، تعليم ۽ صحت کان محروم ٿ?? وڃن ٿا، پاڪستان ۾ هڪ اندازي موجب 27 ملين ٻار اسڪول نه ٿا وڃن. صدر چيو ته پاڪستان ۾ چائيلڊ ليبر جي خاتمي لاءِ قانون موجود آهن جن تحت ??ار?? کان پورهيو وٺڻ تي پابندي آهي. هن چيو ته پاڪستان ۾ ??ار?? جي پورهئي جي حوصلا شڪني ۽ انهن کي تعليم طرف راغب ڪرڻ جي لاءِ تعليمي وظيفا ڏنا پيا وڃن. صدر چيو ته پاڪستان ۾ ??ار?? جي حقن جي تحفظ ۽ چائيلڊ ليبر جي خاتمي لاءِ ڪوششون تيز ڪرڻيون پونديون، ان حوالي سان حڪومت، معاشري، نجي شعبي ۽ سول سوسائٽي کي پنهنجو ڪردار ادا ڪرڻو پوندو. هن چيو ته ميڊيا، واپاري ۽ نجي شعبي سميت معاشري جا سمورا طبقا چائيلڊ ليبر جي خاتمي لاءِ گڏجي ڪم ڪن.