اسلام آباد – 06 – جون (اي پ?? پي) پرڏيهي وزير بلاول ڀٽو زرداري فيصل آباد جي سينيئر پارٽي اڳواڻ ۽ اڳوڻي ايم اين اي شهادت علي خان بلوچ جي لاڏاڻي تي ڏک ۽ افسوس جو اظهار ڪندي چيو ??ه شهادت علي خان بلوچ جي لاڏاڻي جي خبر ٻڌي دلي صدمو پهتو، هو وڏي خوبين وارو اڳواڻ هو. هن چ??و ته مرحوم شهادت علي خان بلوچ جي پارٽي جي لاءِ خدمتن کي ڪڏهن به نه وساريو ويندو. هن چ??و ته سوڳوار خاندان جي ڏک ۾ برابر جو شريڪ آهيان، الله تعاليٰ انهن کي صبر جميل عطا فرمائي، الله تعاليٰ شهادت علي بلوچ ??رحوم جي مغفرت فرمائي ۽ ان کي جنت الفردوس ۾ جڳهه ڏي.