اسلام آباد – 01 – مئي (اي پي پي) حڪومت قومي صنعتي لاڳاپا ڪميشن (اين آءِ آر سي) جي 8 ميمب??ن جي مقرري ڪري ڇڏي جنهن جو اطلاعات ۽ نشريات واري وزارت وفاقي ڪابينا جي منظوري جي روشني ۾ باضابطا نوٽيفڪيشن جاري ڪري ڇڏيو آهي. اطلاعات واري وزارت پاران جاري نوٽيفڪيشن موجب 8 شخصيتن جي اين آءِ آر سي جي ميمبرن طور مقرري ڪئي وئي آهي انهن ۾ رٽائرڊ سول سرونٽ سيد نورالحسنين، رٽائرڊ ڊسٽرڪٽ اينڊ سيشن ججن عبدالقيوم، سهيل اڪرم، محمد زبير خان ۽ شبير ح??ين اعواڻ کي ميمبر مقرر ڪيو ويو آهي. وڪيلن مان محمد سراج الاسلام خان، عبدالغني ۽ منور ح??ين طوري پن ا??ن آءِ آر سي جي مقرر ٿيندڙ ميمبرن ۾ شامل آهن. ڪابينا اطلاعات واري وزارت جي سمري تي انهن خالي جاين تي مقررين جي منظوري ڏني هئي. ياد رهي ته اهي عهدا 9 مهينن کان خالي هئا. صنعتي تڪرا??ن جي حل لاءِ ڪميشن قائم ڪئي وڃي ٿي، اها ڪميشن پورهيتن جي انجمنن جي پڻ رجسٽريشن ڪري ٿي. مزدو??ن جي حقن جي تحفظ ۽ انهن جي حا??تن جي بهتري لاءِ قائم اين آءِ آر سي اطلاعات واري وزارت جو ذيلي ادارو آهي. اها اين آءِ آر سي انڊسٽريل ريليشنز ڪميشن (آئي آر اي) جي سيڪشن 53 تحت قائم ڪئي وڃي ٿي. مزدو??ن جي عالمي ڏينهن جي موقعي تي وزيراعظم محمد شهباز شريف جو اهو مزدورن ۽ پورهيتن جي لاءِ هڪ تحفو آهي.