لنڊن – 08 – مئي (اي پي پي) وزيراعظم محمد شهباز شريف امير مقام پاران ??يب??پختونخواهه ۾ اٽي جي بحران بابت ڌيان ڏيڻ جو فوري نوٽيس وٺندي عملدارن کي ان جي جاچ ۽ فوري طور بحران جي خاتمي لاءِ ضروري قدم کڻڻ جُون هدايتُون ڪيُون آهن. وزيراعظم آفيس جي ميڊيا ونگ پاران جا??ي بيان موجب وزيراعظم شهباز شريف سان صلاحڪار ۽ پاڪس??ان مسلم ليگ (ن) ??يب??پختونخواهه جي صدر انجنيئر امير مقام ??يب??پختونخواهه ۾ اٽي بحران بابت ازبڪس??ان مان وزيراعظم سان رابطو ڪيو ۽ وزيراعظم کي صوبي ۾ اٽي جي بحران بابت عوام ۾ پيدا ٿيندڙ ڳڻتي کان آگاهه ڪيو، جنهن تي وزيراعظم فوري طور تي ايڪشن وٺندي جاچ جو حڪم ڏنو ۽ فوري طور تي بحران جي خاتمي لاءِ عملدارن کي ضروري قدم کڻڻ جي هدايت ڪئي. وزيراعظم شهباز شريف چيو ته ??يب??پختونخواهه سميت ٻيا صوبا انتهائي اهميت رکندڙ آهن، جيترو پنجاب آهي. هن چيو ته ??يب??پختونخواهه جي عوام مشڪل اسان جي مشڪل آهي.