اسلام آباد / ڪراچي – 19 – مئي (اي پي پي) پاڪستان پيپلزپارٽي جي سينٽرل ايگزيڪيوٽو ڪميٽي 9 مئي جي واقعن جي خلاف مذمتي قر??رداد منظور ڪندي واقعن جي ذميوارن کي ڪٽهڙي ۾ آڻي سخت کان سخت سزا ڏنڻ جو مطالبو ڪيو آهي. پيپلزپارٽي جي صدر آصف علي زرداري ۽ پيپلزپارٽي جي چيئرمين بلاول ڀٽو زرداري جي صدارت ۾ بلاول هائوس ڪراچي ۾ پاڪستان پيپلزپارٽي جي سينٽرل ايگزيڪيوٽو ڪميٽي جو هائبرڊ اجلاس منعقد ڪيو ويو. جنه?? ۾ 9 مئي جي واقعن تي مذمتي قر??رداد منظور ڪئي وئي، قر??رداد ۾ چيو ويو آهي ته پاڪستان پيپلزپارٽي 9 مئي تي ملڪ جي مختلف شهرن ۾ پيش ايندڙ واقعن جي پرزور ۽ ڀرپور مذمت ڪري ٿي، قر??رداد ۾ سرگوڌا ۾ شهيدن جي يادگار کي نقصان پهچائڻ، جناح هائوس کي باهه لڳائڻ، دير ۾ ايف سي قلعي ۾ ڀڃ ڊاهه ڪرڻ، مردان ۾ ڪرنل شير خان جي مجسمي کي ٽوڙڻ، سوات موٽروي ٽول پلازه کي ساڙڻ، راولپنڊي جي ميٽرو اسٽيشن ۽ پشاور جي ريڊيو اسٽيشن کي باهه ڏيڻ، پشاور ۾ چاغي ماڊل ۽ ايڌي ايمبولينس کي تباهه ڪرڻ، ڪراچي ۾ مسافر بسن کي باهه لڳائڻ جڏهن ته سڄي ملڪ ۾ نجي، سرڪاري ۽ فوجي ملڪيتن ۽ حساس ٺڪاڻن تي حملن کي پاڪستان رياست جي رٽ کي چئلينج ڪرڻ جي برابر قر??ر ڏنو ويو آهي، قر??رداد ۾ چيو ويو آهي ته پاڪستان پيپلزپارٽي کي ڏهاڪن تائين سياسي انتقام جو نشانو بڻايو ويو جڏهن ته پيپلزپارٽي پنهنجي ليڊرشپ جي هدايتن جي پيروي ڪندي ڪڏهن به تشدد جو رستو اختيار نه ڪيو، شهيد ذوالفقار علي ڀٽو جو عدالتي قتل ٿي??، مير شاهنواز ڀٽو ۽ مير مرتضيٰ ڀٽو کي شهيد ڪيو ويو، شهيد محترمه بينظير ڀٽو کي رت سان ونهجاريو ويو ويو پر پاڪستان پيپلزپارٽي ان سڀ جي باوجود پاڪستان کپي جو نعرو هنيو جيڪو سمورين پارٽين جي سياسي ڪارڪنن جي لاءِ هڪ روشن مثال آهي، قر??رداد ۾ پي ٽي آءِ حڪومت جي دور ۾ وڏي عمر ۾ اڳوڻي ص??ر آصف علي زرداري جي قيد جڏهن ته پيپلزپارٽي عورت شعبي جي مرڪزي ص??ر فريال ٽالپر جي اڌ رات جو اسپتال مان جيل منتقلي جو ذڪر ڪندي چيو ويو ته ڪڏهن به سياسي ڏاڍ جي نتيجي ۾ پاڪستان پيپلزپارٽي ملڪ ۽ ملڪي ادارن جي خلاف ڪڏهن جٿابندي ناهي ڪئي، قر??رداد ۾ مطالبو ڪيو ويو آهي ته 9 مئي جي واقعن جي ذميوارن کي ڪٽهڙي ۾ آڻي سخت کان سخت سزا ڏني وڃي.