ا??لا?? آباد – 23 – اپريل (اي پي پي) پرڏيهي وز??ر بلاول ڀٽو زرداري مسلمان امت ۾ اتحاد ۽ خطي ۾ استحڪام جي حوالي سان سعودي عرب جي ڪامياب پرڏيهي پاليسي کي ساراهيندي چيو آهي ته سوڊان مان پاڪستانين کي ڪڍڻ ۾ مدد لاءِ سعودي عرب جي حڪومت جو ڪردار واکاڻ جوڳو آهي. پرڏيهي آفيس موجب پرڏيهي وز??ر بلاول ڀٽو زرداري اهڙن خيالن جو ?لا??_گیم/117265.html">اظهار سعودي پرڏيهي وزير فيصل جان فر??ان سان ٽيليفونڪ ڳالهه ٻولهه دوران ڪيو. پرڏيهي وز??ر بلاول ڀٽو زرداري پنهنجي سعودي هم منصب فيصل بن فر??ان کي عيد جون مبارڪون ڏنيون. سعودي پرڏيهي وزير سان ڳالهائيندي بلاول ڀٽو زرداري خادم الحرمين شريفين سلمان بن عبدلعزيز، ولي عهد محمد بن سلمان ۽ سعودي عرب جي عوام لاءِ پڻ مبارڪباد جو پيغام پهچايو. هن سوڊان مان پاڪستانين جي واپسي ۾ مدد لاءِ سعودي عرب جي حڪومت جي ڪردار جي ساراهه ڪئي.