اسلام آباد – 03 – اپريل (اي پي پي) وزيراعظم محمد شهباز شريف چيو آهي ته اتحادي پارٽين جي اجلاس ۾ عدالتي بائيڪاٽ نه پر ڪارروائي تي بي اعتماد?? جي اظهار جو فيصلو ٿيو هو. قومي اسيمبل?? جي اجلاس ۾ ڳالهائيندي وزيراعظم چيو ته قانون وارو و??ير جنهن ميٽنگ جو حوالو ڏئي رهيو آهي اها سموري اتحادي پارٽين جي قائدين، اڳواڻن ۽ قانوني ماهرن جي ميٽنگ هئي، پي ايم ايل جي صدر جي حيثيت سان ان اجلاس جي صدارت مون ڪئي هئي. وزيراعظم چيو ته اجلاس ۾ فيصلو ٿيو هو ته موجوده بئنچ تي بي اعتمادي جو اظهار ڪيو وين??و، بائيڪاٽ جو لفظ ڪٿي استعمال نه ٿيو.