اسلام آباد – 10 – مارچ (اي پي پي) پاڪستان سعودي عرب ۽ ايران جي وچ ۾ سفارتي لاڳاپا معمول تي آڻ?? جي آجيان ڪئي آهي. پرڏيهي آفيس جي ترجمان پاران جاري بيان موجب پاڪستان عوامي جمهوريه چين پاران سعودي عرب ۽ اسلامي جمهوريه ايران جي وچ ۾ سفارتي لاڳاپن کي معمول تي آڻ?? جي شاندار آجيان ڪري ٿو. بيان موجب پاڪستان کي پڪو يقين آهي ته اها اهم سفارتي اڳڀرائي خطي ۽ ان کان ٻاهر امن ۽ استحڪام ۾ مددگار ثابت ٿيندي. ترجمان چيو ته اسان ان تاريخي معاهدي کي ٺوس بڻائڻ ۾ چين جي دورانديش قيادت جي ??رد??ر کي ساراهيون ٿا جيڪو تعميري ۽ بامعنيٰ ڳالهه ٻولهه جي طاقت کي ظاهر ڪري ٿو. بيان ۾ چيو ويو آهي ته اسان ان مثبت ??ڳڀرائي تي سعودي عرب ۽ اسلامي جمهوريه ايران جي قيادت کي ساراهيون ٿا. بيان موجب پاڪستان ٻنهي ڀائر ملڪن جي وچ ۾ خال کي ڀرڻ جي لاءِ مسلسل تعاون ?? هم آهنگي جي ڪوششن جي تاريخ سان گڏوگڏ وچ اوڀر ۽ خطي ۾ تعميري ??رد??ر ادا ڪندو رهندو. بيان ۾ اميد ظاهر ڪئي وئي ته اهو مثبت قدم علائقائي تعاون ?? هم آهنگي جي لاءِ هڪ راهه کي متعين ڪندو.