اسلام آباد – 17 – مارچ (اي پي پي) پاڪستان ۽ آسٽريليا جي سينيئر عملدارن جي وچ ۾ ڳالهين جو اٺون سيشن اسلام آباد ۾ ٿي??. پ??ڏيهي آفيس موجب ايڊيشنل پرڏيهي سيڪريٽري (ايشيا پيسفڪ) ممتاز زهره بلوچ پاڪستاني وفد جي قيادت ڪئي جڏهن ته آسٽريليا وفد جي قيادت اتر ۽ ڏکڻ ايشيا بابت فرسٽ اسسٽنٽ سيڪريٽري گيري ڪوون ڪئي. ڌرين ٻطرفي تعاون تي ٺوس خيالن جي ڏي وٺ ڪئي جنه?? ۾ ??عليٰ سطح جي مٽاشتا، سياسي، اقتصاد??، ترقي، سائنس ۽ ٽيڪنالاج??، تعليم، دفاع، سلامتي ۽ دهشتگردي جي خاتمي، لڏپلاڻ ۽ موسمياتي تبديلي جي شعب?? ۾ ??عاون پڻ شامل آهي. پرڏيهي آفيس ٻڌايو ته ڌرين هڪ ٻئي کي پنهنجي پنهنجي پرڏيهي پاليسي جي ترجيحن کان پڻ آگاهه ڪي?? ۽ ??هڻ رخي ترجيح?? ۾ ??عاون تي خيالن جي ڏي وٺ ڪئي. ايڊيشنل پرڏيهي سيڪريٽري آسٽريلوي وفد کي ڏکڻ ايشيا جي علائقائي صورتحال بشمول افغانستان جي انساني صورتحال ۽ ڀارت جي غيرقانوني قبضي هيٺ ڄمون ?? ڪشمير ۾ انساني حقن جي سنگين ۽ منظم خلاف ورزين تي بريفنگ ڏني. ترجمان چيو ته گذريل ڏينهن آسٽريليا ۽ پاڪستان جي و?? ۾ ??سلام آباد ۾ واپاري ڳالهيون پڻ ٿيون، ڌرين زراعت ۽ انفارميشن اينڊ ڪميونيڪشن ٽيڪنالاجي ۾ تعاون تي خاص ڌيان ڏيندي ٻطرفي واپار ۽ سيڙپڪاري جي معاملن تي خيالن جي ڏي وٺ ڪئي. هن چيو ته ڳالهه ٻولهه ۾و اپاري په?? ۾ ??ضافي ۽ ملڪيتي حق دانش جي گڏيل تحفظ خاص طور تي باسمتي چانور جي جاگرافيائي اشاري بابت معاملن تي پڻ خيالن جي ڏي وٺ ڪئي وئي.